آنند شيوا منڊلي لاڙڪاڻو

آنند شيوا منڊلي، لاڙڪاڻو: 1920ع واري ڏهاڪي ۾ سماجي ڀلائيءَ وارن ڪمن تي آڌاريل پنهنجي نوعيت جي پهرين شيوا منڊلي/تنظيم هئي، جيڪا لاڙڪاڻي ۾ قائم ٿي. هن منڊلي تي ‘آنند شيوا منڊلي’ نالو ديوان گيانچند جي پٽ آنند جي وفات بعد سندس نالي پٺيان پيو. هن شيوا منڊلي جو پهريون صدر ديوان گيانچند چندومل ‘رام’ موٽواڻي هو، جيڪو هر مهيني سماجي ڪارگذارين لاءِ 200 روپين جو چندو ڏيندو هو. هيءَ منڊلي 1860ع جي قائم ڪيل ائڪٽ XXI تحت 1938ع ۾ رجسٽر ٿي ۽ باقاعده هڪ تنظيم جي صورت اختيار ڪئي. هن منڊليءَ جي قيام جو بنيادي مقصد لاڙڪاڻي جي غريب، بيمار ۽ لاچار ماڻهن جي مدد ڪرڻ خاص طور ضرورت آهر يا هنگامي حالتن جهڙوڪ: ٻوڏ، باهه لڳڻ ۽ وچڙندڙ بيمارين دوران ماڻهن کي فوري امداد فراهم ڪرڻ هو. هن منڊلي جي پهرين اهم سرگرمي 1924ع ۾ مليريا کان بچاءُ ۽ علاج خاطر هڪ مفت دواخانو قائم ڪرڻ هو. 1926ع ۾ اهو دواخانو مستقل طور قائم ڪيو ويو. منڊلي طرفان قائم ڪيل مفت دواخاني جي بهترين ڪارڪردگي کان متاثر ٿي سرڪاري سطح تي مقامي حڪومت پهرين 50 روپيا ۽ پوءِ 75 روپيا درماهه گرانٽ ڏيڻ جي منظوري ڏني. ان کان سواءِ لوڪل بورڊ طرفان ساليانو 200 روپيا پڻ منظور ڪيا ويا. 1926ع ڌاري، لاڙڪاڻي جي تنهن وقت جي ڪليڪٽر حامد علي، منڊليءَ جي عمارت لاءِ پنچائت ٿلهي ويجهو 2400 چورس فوٽن جي زمين ڏني، 1935ع ۾ تنهن وقت جي ٻئي ڪليڪٽر بي.ڪي پٽيل عمارت جي واڌاري لاءِ 800 چورس فوٽن جي زمين عطيي طور ڏني. 1929ع ۾ منڊليءَ جي عمارت 6000 روپين جي لاگت سان ۽ 1936ع ۾ 2000 روپين جي ڪـُل خرچ سان تعمير ٿي. مفت دواخاني کان علاوه ضرورتمندن، بيواهن ۽ غريب طبقي جي ماڻهن جي مدد، منڊليءَ جي بنيادي اصولن ۾ شامل هو. 1929ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ ڪالرا جي مرض جڏهن شدت اختيار ڪئي ته شيوا منڊليءَ جو طبي اسٽاف ان مرض کي ختم ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو سرگرم رهيو. 1930ع ۾ آيل ٻوڏ سبب آفت سٽيل ماڻهن ۾ کاڌ خوراڪ ۽ ڪپڙي لٽي جي فراهميءَ ۾ منڊلي اهميت جوڳو ڪردار ادا ڪيو. منڊليءَ جي عمارت ۾ غريب شاگردن لاءِ مطالعي جو ڪمرو ۽ مفت لائبرري پڻ قائم ڪئي وئي. ڪنهن غريب جي شادي يا فوتگي وقت منڊليءَ طرفان بنا ڪنهن ذات پات ۽ تفريق جي مفت قالين، لالٽين ۽ ضرورت جون ڪي ٻيون شيون پڻ فراهم ڪيون وينديون هيون. ان کان سواءِ آنند شيوا منڊليءَ جون اهم سرگرميون هيٺينءَ ريت هونديون هيون: (1) غريب گهراڻن ۾ اٽي، گيهه، ڪپڙي لٽي ۽ ٻئي ضروري سامان جي فراهمي. گهر ۾ سلائي ڪندڙ خواتين کي سلائي مشين ميسر ڪرڻ ته جيئن هو گهر ويٺي روزگار وسيلي پنهنجو گذرسفر ڪري سگهن، (2) مختلف موقعن تي غريب ۽ ضرورتمند شاگردن جي مالي مدد ڪرڻ، (3) مسلمان توڙي هندن لاءِ مفت دواخانو ۽ طبي چڪاس جا مرڪز قائم ڪرڻ ۽ مفت دوائون ڏيڻ.، (4) بيمار ماڻهن کي بروقت علاج مهيا ڪرڻ، (5) وچڙندڙ بيمارين جي پکيڙ دوران، مونسپالٽي جي مدد سان گهرن ۽ علائقن کي گندگي کان صاف رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ، (6) مليريا بخار جي ڦهلاءَ کي روڪڻ لاءِ ضرورت آهر ڪونين جي گورين جي مفت تقسيم، (7) ڪنهن به حادثي، خاص طور باهه لڳڻ جي صورت ۾ باهه وسائڻ جي ساز و سامان جي موجودگيءَ کي يقيني بنائڻ، (8) گمشده ٻارن کي منڊلي ۾ رهائڻ ۽ کين حفاظت سان سندن مائٽن حوالي ڪرڻ، (9) غريب گهراڻن ۾ شادي يا فوتگي جي موقعن تي ضروري سامان ميسر ڪرڻ، (10) عوامي جلسن ۽ وڏن ميلن دوران عوام کي پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراهمي، (11) منڊليءَ طرفان هر ذات ۽ نسل جي ماڻهن لاءِ قائم مطالعي جو ڪمرو، جنهن کي پوءِ شري ريجهومل ڪي. لاهوريءَ جو نالو ڏنو ويو ۽ هڪ لائبرري پڻ قائم ڪئي وئي، (12) ست سنگ جماعت جي گڏجاڻي پڻ منڊليءَ جي روزمره جي سرگرمين ۾ شامل هوندي هئي. ان کان علاوه ڪنهن به اهم موقعي تي منڊليءَ طرفان بنا تفريق فلاحي ۽ سماجي خدمتون سرانجام ڏنيون وينديون هيون. آنند شيوا منڊليءَ جي قيام بعد پهريون صدر رام موٽواڻي رهيو، جنهن بعد صدر جي عهدي تي بالترتيب هيٺيان صدر فائز رهيا: (1) ديوان پهلاج راءِ واسواڻي (1921ع کان 1922ع)، (2) ساڌو ٽي.ايل واسواڻي (1922ع کان 1923ع)، (3) ديوان ليلارام پريمچند (1923ع کان 1924ع، (4) ديوان جئساسنگهه قيمت سنگهه (1924ع کان 1925ع)، (5) مسز شريفان حامد علي (1925ع کان 1927ع)، (6) ويرومل بيگراج (1927ع کان 1928ع)، (7) ڊي. بي ايثار سنگهه تلڪ سنگهه (1928ع کان 1929ع)، (8) ديوان گوپالداس جهمٽمل (1929ع کان 1931ع)، (9) ساڌو ٽي. ايل واسواڻي (1931ع کان 1933ع)، (10) شاهنواز خان ڀٽو'>سر شاهنواز خان ڀٽو (1933ع کان 1935ع)، (11) ديوان گيانچند موٽواڻي (1935ع کان 1939ع)، (12) ڊاڪٽر پوپٽ لال اي ڀوپاٽڪر M.L.A (1939ع کان 1940ع). هن شيوا منڊلي جي مقبوليت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ويهين صديءَ جي ناميارن سياسي اڳواڻن ۽ مدبرن نه صرف مختلف وقتن تي هن منڊليءَ جو دورو ڪيو بلڪه منڊليءَ جي سماجي ڀلائيءَ ۽ فلاح بهبود لاءِ ڪيل خدمتن کي ساراهيندي پنهنجا تاثرات پڻ قلمبند ڪيا، جن ۾: مهاتما گانڌي، جواهر لعل نهرو، سڀاش چندر بوس، سروجني نائڊو، جئرامداس دولترام، شو پرساد گپتا، پوپٽ لال اي. ڀوپاٽڪر، ليڊي گراهم، آر. پگٽ، سيسليا برجيس، غلام علي جي. چاڳلا، سر شاهنواز ڀٽو، غلام حسين هدايت الله، نهچل داس سي. وزيراڻي، ڪي. پونياهه، اي.ايم دهلوي، بي.اين يادو، لالا هرڪشن لال، ليلارام گدومل، جي.اين گوکلي، جي.ايم منصف، ايس. تلمڪي، جي.وي بيڊيڪر، جي.ايم مڪ ايلٿنگ، حامد اي علي، ٽوئلز (Twills) اي. ائڪوٽ، ايڇ.ايم پٽيل، بي.ڪي پٽيل، آر.جي ڊيويز، جي اڪباڻي، بي.آر پٽيل، آر.اي محمدي، ٿانورداس ڏيارام، ڪي. جي شوداساڻي، ديامل دولترام، ڪي.اين سونپور ۽ ڪي ٻيا شامل هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو