آنند کيماڻي

آنند کيماڻي

آنند کيماڻي

آنند کيماڻي: ڪھاڻيڪار، ناول نويس، نقاد ۽ مترجم آنند کيماڻي، 9 سيپٽمبر 1933ع تي، ضلعي نوشھري فيروز جي مشھور شھر ‘سڌوجا ’ ۾ پيدا ٿيو. ورهاڱي کان پوءِ هندستان لڏي ويو. ايم. اي ڪرڻ کان پوءِ هن آخري نوڪري پارليامينٽ هائوس نئين دهليءَ ۾ شروع ڪئي، جتان 1991ع ۾ سينئر ڪلاس ون گزيٽيڊ آفيسر طور رٽائرڊ ٿيو. هن وقت نئين دهليءَ ۾ رهائش پذير آهي. سندس شمار سنڌي ٻوليءَ جي بھترين ليکڪن ۽ نقادن ۾ ٿئي ٿو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ‘لُچي’ (ڪھاڻيون: 1965ع)، ‘چيتنا’ (تنقيد: 1967ع)، ‘ساهتيہ جا سڌانت’ (تنقيد: 1969ع)، ‘هڪ شخص جي واسنا’ (ناول: 1970ع)، ‘سچل سرمست’ (هندي ترجمو: 1972ع)، ‘بيمار پيڙهي’ (شاعري: 1974ع)، ‘نومبر جي آخرين رات’ (ڪھاڻيون: 1976ع)، ‘ارڌ ورت’ (هڪ شخص جي واسنا ناول جو هندي ترجمو: 1980ع)، ‘پريمچند’ (سنڌي ترجمو: 1984ع)، ‘شمشان گهاٽ وٽان لنگهندي’ (شاعري: 1985ع)، ‘بدلجندڙ دؤر ۽ تنقيد’ (تنقيد: 2000ع)، ‘انتر ياترا’ (ناول : 2002ع)، ‘اڻ لتاڙيل پيچرا’ (ناول: 2003ع)، ‘رشتن جو ڌنڌ’ (ناول: 2003ع)، ‘ڪنڊن جي سڳنڌ’ (تنقيد: 2004ع)، ‘باھہ جي ٻنھي پاسي’ (ناول: 2008ع)، ‘وڄ اڃا ڪانہ ڪِري آهي’ (ناول: 2008ع)، ‘اسھمتيءَ جي اگني ڪنڊ مان’ (تنقيد: 2010ع)، ‘محبت منھنجي خواب ناهي’ (ناول: 2015ع)، ‘روح جو هڪ ٽڪرو’ (ڪھاڻيون: 2017ع)، ‘هڪ شخصيت جي ڪوسي ڇانو ۾’ (ناول: 2017ع)، ’سچ ڇا ڪوڙ ڇا‘ (آتم ڪٿا جا 3 جلد: 2012ع، 2014ع ۽ 2020ع)، ‘اوٻاسين جي وچ ۾’ (ناول: 2022ع) ۽ ٻيا شامل آهن. کيس سندس ادبي خدمتن جي مڃتا طور ‘سنڌي اڪيڊمي دهلي’ پاران لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ (2009ع)، مرڪزي ساهتيہ اڪيڊمي اوارڊ (2009ع) ملي چڪا آهن.ن


لفظ آنند کيماڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.09.09  عيسوي

ڪھاڻيڪار، ناول نويس، نقاد ۽ مترجم آنند کيماڻي، 9 سيپٽمبر 1933ع تي، موري (نوشھروفيروز) ڀرسان، هڪ ننڍي شھر نما ڳوٺ ’سڌوجا‘ ۾ پيدا ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علي راز شر
صديق سالڪ برگيڊيئر
ڏيپلائي محمد علي
وينا شرنگي
ڌاريجو علي حسن
سريش ببلاڻي ڊاڪٽر
روي ٽيڪچنداڻي ڊاڪٽر
عباسي محمد عثمان چنيھہ
جهانگياڻي سنتداس
ارباب علي عادل چوهاڻ
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون