آنچي ڦول: ’ڪنگور‘جي فوٽ کن نڙي ۽ سٽ يا پٽ مان ٺھيل ٽئونر، ڦول جي وچ ۾ سئي مضبوطيءَ سان ٻڌي، ڦول ۽ سئيءَ کي آنچيءَ واري نڙانڊيءَ ۾ وجھي، ڦوڪ ڏبي ته سئي ڦول سميت زور سان نڪري وڃي ڪنھن نشاني تي لڳندي. آڳاٽي وقت ۾ اھڙيون نڙانڊيون (زھر ۾ ٻڏل سين وارا ڦول) دشمن کي مارڻ لاءِ ھٿيار طور ڪم ايندا ھئا.