آهو ٻير

آهُو ٻير: عام ٻيرن کان ڪجهہ ننڍا ٻير، ڳاڙهي رنگ تي ڪاراڻ مائل، ذائقي ۾ ڪسارا مٺا ٿيندا آهن. هنن جو شمار پسارڪي وکرن ۾ ٿيندو آهي.
حڪيمن موجب بند ٿيل پيشاب کي جاري ڪن ٿا. چيو وڃي ٿو تہ ٻيرن جو ڪاڙهو، کنگهہ ۽ دمڪشيءَ، بدن جي خارش ۽ ڇاپاڪي ۾ بہ فائدو ڪري ٿو ۽ آنڊن جي ڪيڙن کي پيٽ رستي خارج ڪري ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو