آوِي: اُها جاءِ، جتي ڪنڀار مٽيءَ مان گهڙيل ٿانو پچائي. ان جاءِ کي ’نهائين‘ بہ چوندا آهن.
”نهائينءَ کان نينهن، سِکُ منهنجا سپرين“! (شاھہ)
آويءَ ۾ ٿانون پچائڻ جي ترڪيب هيءَ آهي تہ پهريائين سڄي آويءَ جي تر ۾ ڀاڻ جو تھہ وڇائبو آهي. پوءِ ٿانوَ اهڙي ترڪيب سان رکبا آهن، جيئن هر ٿانءَ کي باھہ جي ڄَرَ چڱي طرح پچائي. ان کان پوءِ سڄي آويءَ کي ٿاڦن ۽ ڪڻاهن سان ڍڪي، انهن جي مٿان وري بہ ڀاڻ جو هلڪو تھہ ڏيئي، مٿان مٽيءَ جو هلڪو تھہ وڇائي ڇڏبو آهي. سڄي آويءَ کي باھہ يڻ بدران، فقط هڪ طرف، هوا واري پاسي کان هڪ فوٽ کن ڳڙک ڇڏبو آهي، جتان آويءَ کي باھہ ڏيڻ لاءِ مُوئو ٻاري ڏبو آهي. آهستي آهستي سڄي آويءَ ۾ باھہ پکڙجي ويندي آهي. آويءَ ۾ هنڌ هنڌ منگها (هوا جي لنگهہ جا سوراخ) ڇڏبا آهن، جيڪي آويءَ جي تپش تي ضابطو رکڻ لاءِ هوندا آهن. انهن منگهن کي پڪل ٺڪرن سان ڍڪي رکندا آهن. ستن ڏينهن کان پوءِ کولبي آهي.