آية الڪرسي

آية الڪرسي: قرآن پاڪ جي ٽئين سيپاري ’تلڪ الرسل‘ ۽ سورة بقرہ جي آيت نمبر 255، جنهن ۾ لفظ ’ڪرسي‘ ڪم آيو آهي، تنهنڪري اُها ’آية الڪرسي‘ سڏجي ٿي. هن آيت ۾ تعاليٰ جون ڪي صفتون اثرائتي نموني بيان ٿيل آهن. حديث شريف ۾ هن آيت بابت وڏي فضيلت بيان ٿيل آهي، خاص ڪري خطري جي وقت ۾ پڙهڻ سان دل کي تقويت ملي ٿي. مسلمان گهڻو ڪري سمهڻ وقت هن آيت جو ورد ڪندا آهن. حضرت علي عليہ السلام کان روايت آهي تہ حضور صلي عليہ وسلم جن فرمايو تہ جنهن مسلمان هر نماز بعد آية الڪرسي پڙهي، ان کي جنت ۾ وڃڻ کان ڪو بہ روڪي نہ ٿو سگهي.


لفظ آية الڪرسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو