آپڻان گليلا راند: هن راند لاءِ ٻار پاڻ ۾ ڪڪل ڪڪل کيروٽيءَ وانگر ڀڄي ايندا آهن، پوءِ هڪڙا هڪڙي پاسي ويهندا، ٻيا ٻئي پاسي، انهن جا ڌوڙي وچ ۾ ويهندا، پوءِ ڌوڙي ٻئي پاڻ ۾ گليلا ساريندا، جيڪو انگ دل ۾ رکندا ۽ واري واري هرڪو ڌوڙي پنهنجن همراهن کان پڇندو تہ ”ڀيچي ڙي ڀيچي“ هو چوندا تہ ”جي ڙي ڀيچي“، وري ڌوڙي چوندو تہ ”آپڻا گليلا گهڻا“ هو جيڪي دل ۾ ايندن، اهو چوندا، جي برابر چيائون تہ ڌوڙي چوندو تہ ”چڙهي چيلھہ ڀڃون“، پوءِ جن انگ پورو ٻڌايو هوندو، اهي ڌر تي سرسي حاصل ڪري وٺندا.