
آپ بيتي جڳ بيتي ڪتاب - ٽائيٽل
آپ بيتي-جڳ بيتي (ڪتاب ):سنڌ جي نامور محقق، زرعي ماهر، تاريخدان ايم. ايڇ پنهور جي آتم ڪٿا ”آپ بيتي-جڳ بيتي“ سنڌي ادب ۾ هڪ بي بھا واڌارو آهي. هيءَ آتم ڪٿا اصل ۾ انگريزيءَ ۾ هئي، جنهن جو سھڻي سنڌيءَ ۾ ترجمو، نامياري آرڪيالاجسٽ سيد حاڪم علي شاھہ بخاريءَ ڪيو آهي. هيءَ آتم ڪٿا نرالي اسلوب، معيار، سچائي ۽ بيان جي جرئت سان گڏ پنھنجي دور جي تاريخ آهي. پنهور صاحب جي هن آتم ڪٿا ۾ نہ خود پسندي آهي، نہ ”مان“ جو اولڙو ۽ نہ پنهنجن وڏڙن جي ڪن”اڌارن“ اکرن سان تعريف آهي. حاڪم علي شاھہ بخاريءَ چواڻي ”هيءَ آتم ڪهاڻي مواد ۽ انداز بيان جي خيال کان منفرد آهي ۽ بنيادي طرح سڀ کان وڌيڪ ساراھہ لائق هي نقطو آهي، جو ان جي ورق ورق ۾ جرئت جو اظهار نمايان نظر ايندو.“
ڪتاب جي مهاڳ ۾ نامور اديب ۽ دانشور محمد ابراهيم جويي پنھنجي شاگرد ۽ همعصر جي آتم ڪهاڻيءَ جي اهميت، ڪارج ۽ انفراديت تي بحث ڪندي، آخر ۾سڀني ڳالهين جو تت نهايت ئي باريڪ بيني ۽ پوري مطالعاتي سگهہ سان بيان ڪندي لکيو آهي تہ:
”آپ بيتي- جڳ بيتي“ پنهور صاحب جي زندگيءَ جي شروعاتي ڏهن سالن جي آتم ڪٿا آهي. جيڪو ڄڻ تہ سندس آتم ڪهاڻيءَ جو پهريون ڀاڱو آهي، جيڪو هن ڏھہ سال اڳ انگريزيءَ ۾ لکيو هو، پر ڇپائي ۾ دير سبب ساڻس حياتيءَ وفا نہ ڪئي ۽ هو ٻيا رٿيل ڀاڱا لکي نہ سگهيو .
ڊيمي سائيز جي رنگين ٽائيٽل سان ڇپيل هن ڪتاب جي قيمت 300 رپيا آهي، جيڪو فينڪس بوڪ ۽ ايم. ايڇ. پنهور ٽرسٽ پاران ڇپائي 2007ع ۾ پڌرو ڪيو ويو.