آپ سڌارڪ منڊل

آپ سڌارڪ منڊل: هي منڊل (سنگت/تنظيم) سن 1932ع ۾ شڪارپور شھر جي مشھور تعليمي اداري خوبسنگهہ منگهن سرتو مل هندو سنڌي اسڪول نمبر اول (هاڻوڪي اسڪول پرائمري لکي در) پاران قائم ڪيو ويو هو. هن منڊل جو روح روان اسڪول جو هيڊ ماستر ٺڪر هولا رام سھجرام هو. هن منڊل پاران ٻاراڻي ماهوار رسالي ’ٻالڪ‘ کان سواءِ خاص ڏينهن تي پڻ يادگار ڪتاب ۽ پمفليٽ شايع ڪري ٻارڙن ۾ مفت ورهايا ويندا هئا. آڪٽوبر 1935ع ۾ اسڪول جي هيڊ ماستر ٺڪر هولارام جو ترتيب ڏنل 24 صفحن تي مشتمل طبي نسخن جو هڪ ڪتاب ’قدرتي گهرو علاج‘ نالي شايع ڪيو ويو هو. هن منڊل پاران اسڪول جي سالياني ڪارڪردگيءَ جون رپورٽون بہ شايع ٿينديون هيون. ورهاڱي کان پوءِ هي منڊل بند ٿي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.00.00  عيسوي

آپ سڌارڪ منڊل: هي منڊل ( سنگت/تنظيم ) سن 1932ع ۾ شڪارپور شهر جي مشهور تعليمي اداري خوبسنگهه منگهن سرتو مل هندو سنڌي اسڪول نمبر اول ( هاڻوڪي اسڪول پرائمري لکي در ) پاران قائم ڪيو ويو هو



ادارا ۽ تنظيمون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ
پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن
اسلامي جمعيت طلبا
انجمن مسلم نوجوانان ڍورو نارو
اڪادمي ادبيات پاڪستان
شاھہ عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي
انجمن اسلام لاڙڪاڻو
ڀارت پبلشنگ ھائوس ڪراچي
انجمن حسيني
لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز
ادارا ۽ تنظيمون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون