آٿاڻو يا آچار
آٿاڻو انبڙين، بصرن، ليمن، گجرن ۽ ڪن ٻين ڀاڄين کي تيل، سرڪي ۽ ٻين مصالحن سان ملائي کٽاڻ يا سانڌاڻو تيار ڪرڻ کي آچار وجهڻ يا سنڌڻ چئجي ٿو. آچار جا به ڪيترائي قسم ٿيندا آهن، پر عام طور تي انبڙين مان تيار ٿيل آچار جتي ڪٿي مشهور هوندو آهي. انبڙين جو آچار گهڻو ڪري هن ريت تيار ٿيندو آهي. انبڙيون کلن سميت ٽڪرا ڪري، منجهن ضرورت جيترو لوڻ ۽ مرچ وجهي، تيل به انبڙين جي مقدار موجب وجهي، ان کان پوءِ ميٿيءَ جو ٻج (هرٻو)، ڪلونجي، گيدوڙا، ڳاڙها مرچ ۽ سڄا ساوا مرچ وغيره وجهي، ڪجهه ڏينهن اُس تي رکڻ کان پوءِ مزيدار آچار تيار ٿي ويندو آهي. سنڌ ۾ شڪارپور جو آچار وڌيڪ مشهور ٿئي ٿو. انبڙين مان ٺهيل انهيءَ آچار کي سرڪي جو آچار ڪري به سڏيو ويندو آهي. ليمن مان جيڪي آچار تيار ٿيندا آهن. ان جا به ڪيترائي قسم ٿيندا آهن. پاڪستان ۽ هندوستان ۾ کٽا ۽ چهرا آچار پسند ڪيا وڃن ٿا. جڏهن ته ڪن ملڪن ۾ وري مٺا آچار پسند ڪيا ويندا آهن. آچارن کي وڌيڪ لذيذ بنائڻ لاءِ مختلف قسم جون ڀاڄيون ۽ ميوا به وڌا ويندا آهن. جهڙوڪ بصر، پتائي گجرون، گوگڙو، ساوا مرچ ۽ گيدوڙا وغيره يا وري نج ڀاڄين جا آچار به ٺهندا آهن. پر انبڙي، ادرڪ ۽ ليمي جي آچارن کان سواءِ ٻيا آچار گهڻو وقت هلي نه سگهندا آهن.