آچر فقير مڱڻهار

آچر فقير مڱڻهار

آچر فقير مڱڻهار

آچر فقير مڱڻهار: فقير محمد آچر مڱڻهار 1929ع ڌاري ٽنڊي الهيار جي ڳوٺ محسن ڏگي ۾ پيدا ٿيو، سندس اصل نالو مور فقير هو. اکيون کولڻ سان سندس واسطو سُر ۽ تال سان پيو، ان لاءِ پڙهي ڪو نہ سگهيو. هن راڳ جي شروعاتي سکيا پنھنجي چاچن الهڏني فقير ۽ امين فقير کان حاصل ڪئي، جيڪي ان وقت پنھنجي تَـرَ ۾ راڄ ڀاڳ وارا ۽ ناميارا ڪلاسيڪل شرنائي نواز هئا. ان کان پوءِ ٽنڊي الهيار جي ڪلاسيڪل راڳين استاد ملڪ مظهر خان، ڪلو ڀائي ۽ محمد رمضان کان راڳ جي سکيا ورتائين. هن کي موسيقيءَ جا وڏا قدردان مليا، جن ۾ غلام رسول شاھہ جيلاني ميرپورخاص وارو، ملوڪ شاھہ بڪيرن وارو، خادم علي شاھہ، سالڪ لاکو ۽ حاجي لکانو ڪوري وغيرہ اچي وڃن ٿا. جن سندس قدرداني ۽ همت افزائي ڪئي. هن سنگيت جي کيتر ۾ خاص طور شرنائيءَ جي ميدان ۾ نوان تجربا ڪيا. سندس اوطاق سنگيت اڪيڊمي لڳندي هئي. مڱڻهارن جي ڪاڄن ۾ سرن ۽ سازن جي چٽاڀيٽيءَ دوران سنڌ جا نالي وارا جوڙ هڪ ٻئي پٺيان ميدان مارڻ لاءِ حيلا هلائيندا هئا. آچر فقير جي زندگيءَ ۾ اهڙين چٽا ڀيٽين جا ڪيترائي مرحلا آيا، پر ڪڏهن بہ ڪنهن کانئس کٽڻ تہ پري رهيو، پر همعصري جي بہ دعوا نہ ڪئي. آچر فقير نہ رڳو شرنائي وڄائڻ ۾ وڏو نالو ڪڍيو، پر هن گائڪيءَ ۾ بہ ڪمال حاصل ڪيو. سندس اوطاق تي وقت جا وڏا وڏا خانصاحب اچي پنھنجي فن جو مظاهرو ڪندا هئا، جن ۾: استاد منظور علي خان، استاد اميد علي خان، استاد امانت علي خان،
استاد محمد جمن، شادي فقير، استاد نياز حسين وغيرہ قابل ذڪر آهن. ريڊيو ۽ ٽي وي تي بہ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيائين. سندس ڪيتريون ئي آڊيو ڪيسٽون پڻ جاري ٿيون. هن 23 نومبر 1998ع تي وفات ڪئي ۽ پڳ سندس پُٽ رسول بخش کي ٻڌائي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.00.00  عيسوي

آچر فقير مڱڻهار: فقير محمد آچر مڱڻهار 1929ع ڌاري ٽنڊي الهيار جي ڳوٺ محسن ڏگي ۾ پيدا ٿيو ، سندس اصل نالو مور فقير هو .


1998.00.00  عيسوي

آچر فقير مڱڻهار: هن 23 نومبر 1998ع تي وفات ڪئي ۽ پڳ سندس پُٽ رسول بخش کي ٻڌائي وئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رونالڊ ريگن
حامد علي ميمڻ ماستر
ڀنگرمحمد اقبال ڊاڪٽر
جان ڪيٽس
حسين شاھہ فاضلاڻي
تسنيم احمد صديقي
رياض منگي
شوڪت حيات خان سردار
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
راجا بل عرف ابن سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون