آچر پاڪستاني

آچر پاڪستاني

آچر پاڪستاني

آچر پاڪستاني: سنڌ جي مشھور مسخري ۽ ملھہ پهلوان آچر پاڪستانيءَ جو اصل نالو محمد آچر ملاح هو. هن ڳوٺ جهونجهاڻ، ضلعي شھيد بينظيرآباد ۾ پھرين مئي 1934ع تي جنم ورتو. ملھہ ۾ رستمِ سنڌ - شير ميربحر جو شاگرد سڏائيندو هو. ملھہ راند سان تمام گهڻو عشق هئس. سڄي سنڌ ۽ پاڪستان جي ملاکڙن ۾ لاڳيتو سترهن سال، ٽئين ۽ ٻئي جوڙ جي جوانن سان ملھہ وڙهندو رهيو. آچر پاڪستاني ڪنهن ملھہ کي دسي يا پاڻ دسجي، پر انعام کيس ضرور ملندو هو. ڳائڻ سان بہ لڳاءُ هئس ۽ راڳ ۾ استاد منظور علي خان جو شاگرد هو. کيس ملھہ ۾ جيڪو بہ انعام ملندو هو اهو غريبن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. آچر پاڪستاني 1988ع ڌاري وفات ڪئي. کيس قاضي احمد ۾ فاضل شاھہ جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. هر سال 6 صفر تي سندس مزار تي ميلو لڳندو آهي..


لفظ آچر پاڪستانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو