آڌي رات اروڙ

آڌي رات اروڙ

آڌي رات اروڙ

آڌي رات اروڙ (ڪتاب): هي ڪتاب غزل جي نامور شاعر علي نواز ڏاهريءَ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي، جنهن ۾ غزل، گيت، نظم، چوسٽا، ترائيل، بيت، وائي، دوها، ڪافي، چوسٽا، ٽيڙو وغيرہ شامل آهن. ڪتاب جي ارپنا شاعر پنھنجي پٽ ‘سورج بادشاھہ’ کي ڪئي آهي. ڪتاب جي منڍ ۾ ‘اداري پاران’ ساجد سنڌي، مهاڳ ‘هي عشق اتاهون آ’ جي عنوان سان معشوق ڌاريجي ۽ ‘هو راتيون جاڳي لوچي ٿو’ جي عنوان سان زوهيب نواز ڏاهريءَ لکيو آهي، جڏهن تہ نامور اديب مير محمد پيرزادي، پروفيسر شمشاد سومري، ڄام آدرش انڙ ۽ نواز ڏاهريءَ جا رايا پڻ شامل آهن. ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل ماڻڪ ملاح لکيو آهي. ڊيمي سائيز ۾ رنگين ٽائيٽل ۽ ڊسٽ ڪوَر سان 128 صفحن تي مشتممل هيءُ ڪتاب سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد 2017ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 200 روپيا ڄاڻايل آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو