آڌڙيءَ جو ٻيلو: ضلعي ڄامشوري جي شھر لڪي شاھہ صدر کان ڏکڻ طرف ٺيٻاٺ ڳوٺ کان سنڌو درياھہ ٻہ درياهي ڪري هڪ نئون وهڪرو ٺاهي وري وڃي اصل درياھہ سان ملندو هو، اهو وهڪرو پنج ميل هوندو هو. اڳتي هلي درياھہ وري نئون پيٽ ڇڏي ويو ۽ ان هنڌ آمري ڍنڍ ۽ آڌڙيءَ ٻيلي وجود ورتو. هن وقت آڌڙي ٻيلو موجود آهي، جنهن ۾ ڪجهہ سال اڳ ڌاڙيلن اچي قبضو ڪيو هو. هن ٻيلي سان لاڳو آمري پتڻ بہ هوندو هو، پر اهو ٻيلي جي ڪري گهڻو ختم ٿي ويو آهي.