
آڍي خان، ٻڍي خان جو مقبرو
آڍي خان، ٻڍي خان جو مقبرو: هي مقبرو ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جو آهي. اهو مقبرو ميان نور محمد ڪلھوڙي جي قبرستان- ڳوٺ ۽ ديھہ ميان نور محمد تعلقو دولتپور، ضلعو نوابشاھ. (هاڻي بينظير آباد) جي ڏکڻ ۾ اٽڪل ھڪ ڪلوميٽر پنڌ تي نم جو ڳوٺ وٽ آھي. ھن جي اوڀر ۾ اٽڪل ھڪ ڪلو ميٽر جي پنڌ تي لنڊڪي ڪئنال وھي ٿو. اولھہ ۾ ٻن ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي ڳوٺ مقيم ڏاھري ۽ موري جو شھر، اٽڪل 16 ڪلوميٽر نورمحمد ڪلھوڙي جي قبرستان کان پري آھي. ھي ماڳ اتر ويڪرائي ڦاڪ ″26◦ 32′ 50 ۽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ 68◦ 4′ 8″ ڊگرين تي واقع آھي. ھي مقبرو ڊيگهہ ۽ ويڪر ۾ ھڪ جيترو 5.65x5.65 ميٽر آھي، جڏھن تہ وڌ ۾ وڌ اوچائي 10 ميٽر ماپي وئي. اڏاوت ۾ پڪيون سرون، گل گـارو، گچ گارو، ڪاشيءَ جون سرون ۽ چن استعمال ٿيل آھي. مقبرو رٿ ۾ چوڪنڊو آھي. چار ڪنڊي ونگائين لنگهہ مٿان گهڻ- راسيون ونگون پانيلن تي ٺھيل آھن. مھاڙي گهڻ- راسين ونگن ۽ مستطيل پانيلن سان ٺھيل آھي. ھر پاسو مستطيل ۽ گهڻ- راسين ونگاون پانيلن سان مزين آھي. چار عدد برجيون مھاڙي واري ڀت تي، رنگين ڪاشيءَ جي سرن سان ۽ ٻيڙ ٻنو ڪنگرن سان سجايل آھي. اٺ ڪنڊي ڳچ (drum) جي پلويڙن تي ڪاشيءَ جون ڪنگريون ٺھيل آھن. ڳچ جي مٿان اڌ گول گنبذ رکيل آھي، جنھن جي مٿان ڪوڻيءَ جو ابتو ٿيل گل ۽ ان گل جي مٿان ڪلس ٺھيل آھي، جنھن تي بہ ڪاشيءَ جو ڪم ڪيل آھي. اندر سڄي سجاوٽ پانيلن ۽ گهڻ راسين جي آھي. محراب جھڙا طاق اندر تي اوڀر کان سواءِ، ھر طرف ڏنل آھن. مقبري جي گنبذي ڇت جو (drum) ڳچ اَٺ ڪنڊو آھي، جنھن جي ھر ڪنڊ تي برجي آھي. مقبرو اندران روغن ٿيل آھي. گنبذ ھن وقت سٺي حالت ۾ آھي. لنگهہ وارو دروازو ۽ ڪنگرا ڪٿان ڪٿان ڊھي پيا آھن. ھي مقبرو محڪمه آثار قديم وارن محفوظ ڪيو آھي.