آڏواڻي رام ڪرشن ھيرانند راھي

آڏواڻي،رام ڪرشن ھيرانند ”راھي“: ليکڪ، صحافي ۽ نقاد، پهرين جولاءِ 1924ع ۾ سنڌ جي شھر حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو، تعليمي حوالي سان بي اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”ڀارت جو بلوو عرف آزاديءَ جي يڌ 1940ع“ ”گيان گنج“ ۽ ”ايشور ڌيا ۽ آنند ڀاء“ شامل آھن. ورھاڱي کان اڳ حيدرآباد ڪاليج جي رسالن ”ڦليلي“ ۽ ”تصوير“ جو ايڊيٽر ٿي رھيو، بعد ۾ ھفتيوار ”ھند واسي“ جي آخرين صفحن جو ايڊيٽر رھيو، ان کان علاوہ روزاني ”ھندستان“ ۽ ھفتيوار ’ھند واسي“ جو 1957ع دوران عارضي جنرل مئنيجر پڻ رھيو، سنڌيت جي ھلچل ۾ ڪيترن ئي نون ليکڪن، شاعرن ۽ ڪلاڪارن جي تخليق کي ھفتيوار ”ھند واسي“ ۾ شايع ڪري کين اتساھيو، ڪيترن ئي ڪتابن جا مھاڳ لکيائين، آل انڊيا ريڊيو ممبئيءَ تان سنڌي پروگرام شروع ڪرائڻ ۾ خدمتون ڏنائين، سنڌي فلمن جھڙوڪ ”اباڻا“، ”راءِ ڏياچ“ ۽ ”انصاف ڪٿي آھي“ کي مڪمل ڪرائڻ ۾ بھرو ورتائين، جڏھن تہ پريس آف انڊيا جي گورننگ ڪائونسل ۽ پريس ڪلب سنسٿائن جو ميمبر رھيو. سندس ديهانت 19 فيبروري 2008ع تي ممبئيءَ ۾ ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.07.01  عيسوي

آڏواڻي ، رام ڪرشن ھيرانند ” راھي “ پهرين جولاءِ 1924ع ۾ سنڌ جي شھر حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.


2008.02.19  عيسوي

آڏواڻي ، رام ڪرشن ھيرانند ” راھي “ 19 فيبروري 2008ع تي ممبئيءَ ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄام ڪرن
بالميڪي/والميڪي
قاضي اياز مھيسر
اين بي بٽاڻي
حسين هارون
شيرين مزاري
غلام علي ميمڻ
اڏيرو لال
شيخ جھان امير
پريٽي زنٽا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون