آڙَنگُ: برسات کان اڳ واري گهُٽَ. سانوڻ جي مند ۾، عام طرح جولاءِ کان آگسٽ تائين مينهن وسڻ کان اڳ هوا لڳڻ بند ٿي ويندي آهي. جيڪڏهن ٿوري گهڻي هوا لڳندي آهي تہ اُها بہ اوڀر طرف کان، جنهن ۾ گهِمَ ۽ گهُٽ ٿيندي آهي، ان وقت آسمان ۾ جُهڙ هوندو آهي. ٿر ۾ آڙنگ ٿيو تہ مينهن وسندو .