ڊاڪٽر آڪاش انصاري

ڊاڪٽر آڪاش انصاري

آڪاش انصاري ڊاڪٽر

آڪاش انصاري، ڊاڪٽر: نامور شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جو اصل نالو الله بخش انصاري آهي. هن 1956ع ۾ بدين جي ڳوٺ ابل وسي ۾ لاڙ جي مقامي شاعر الهڏني بدينوي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والده جنت خاتون پڻ هڪ لوڪ سگهڙ ۽ لطيف جي حافظه هئي. ڊاڪٽر آڪاش پرائمري، مئٽرڪ ۽ انٽرميڊيئٽ بدين ۾ ڪرڻ کان پوءِ ميڊيڪل سائنس ۾ ايم بي بي ايس جي ڊگري لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان 1984ع ۾ حاصل ڪري، ڪجهه وقت بدين ۾ ڊاڪٽر طور پريڪٽس ڪئي. هو ڪاليج واري زماني کان ئي قومي ۽ ترقي پسند شاعر طور مشھور ٿي چُڪو هو. انهيءَ دور ۾ هو کاٻي ڌُر جي سياست ڪندي، عوامي تحريڪ ۾ 15 سال ڊپٽي سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري جنرل طور ڪم ڪيو. ضياءَ جي مارشل لا ۾ قومي ۽ انقلابي شاعري ڪرڻ جي ڏوهه ۾ کيس جيل به ڀوڳڻو پيو. اُن کانپوءِ جڏهن چئن پارٽين گڏجي ”عوامي نيشنل پارٽي“ (A.N.P) جو بنياد وڌو، (جنھن ۾ عوامي تحريڪ به شامل هئي)، جنھن جو مرڪزي صدر خان عبدالولي خان ٿيو، جڏهن ته سنڌ جو جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر آڪاش کي مقرر ڪيو ويو. هو 1992ع ۾ رسول بخش پليجي سان اختلاف ٿيڻ ڪري عوامي تحريڪ کان ڌار ٿيو ۽ 1995ع کان صحافت ۾ قدم رکيو، روزاني ’سوال‘ اخبار جاري ڪري پاڻ ان جو چيف ايڊيٽر ۽ حسن درس ايڊيٽر بڻيا، اھا اخبار جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ سن 2000ع ۾ بندش هيٺ آئي. 2002ع ۾ ڊاڪٽر آڪاش رورل ڊولپمنٽ ۾ ايم. اي ڪئي. 2004ع ۾ ايسٽرن واشنگٽن يونيورسٽي آمريڪا مان جديد تعليمي سرشتن ۾ ڊپلوما ڪري، بدين جي ساحلي علائقي ۾ تعليم ۽ ڳوٺاڻي ترقيءَ لاءِ هڪ سماجي تنظيم ”بدين رورل ڊيولپمنٽ“ ٺاهي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هن جي ٺاهيل جديد اسڪولن مان هن وقت ٻن اسڪولن کي هاءِ اسڪولن جو درجو ملي چُڪو آهي. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ”ڪيئن رهان جلاوطن (اٺ ايڊيشن)، ”اڌورا اڌورا“ (چار ايڊيشن) ڇپجي چُڪا آهن، جن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو: An Elegy for the brave heart of tomorrow (2022) جي عنوان سان ڊاڪٽر سحر گل ڪيو آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.12.25  عيسوي

” آڪاش “ انصاري ، 25 ڊسمبر 1956ع ۾ بدين لڳ ڳوٺ ’ ابل جي وسيءَ ‘ ۾ ڄائو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

افضل سولنگي
شيڪسپيئر وليم
پياسي نظر چانڊيو
شيخ رحمت الله ٺٽوي
بهار ٻپڙ
لطف سيال
الانا جي
بچل
ڪيف رضواني
پنائي مبين
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون