آڪسفورڊ يونيورسٽي

آڪسفورڊ يونيورسٽي: آڪسفورڊ (Oxford)، انگلينڊ جو مشھور شھر آهي، جيڪو ”آڪس درياھہ“ جي ڪناري تي ٻڌل آهي. هن انگريزي لفظ جي لغوي معنيٰ آهي: ”آڪس درياھہ جو گهاٽ (ڪنارو).“ انگلنڊ جي هِن مشھور شھر ۾، دنيا جي قديم ترين درسگاھہ ”آڪسفورڊ يونيورسٽي“ پڻ واقع آهي، جنهن جو شمار دنيا جي تمام وڏن تعليمي ادارن ۾ ٿئي ٿو. هن درسگاھہ جو بنياد تہ قديم زماني کان رکيل آهي، پر ان ۾ باقاعدہ تعليم جو سلسلو 1133ع کان شروع ٿيو. 1163ع ۾ هن درسگاھہ جو درجو وڌائي”يونيورسٽي“ ڪيو ويو. هن وقت ٽيھہ ڪاليج ساڻس لاڳاپيل آهن. پڙهائيءَ جو طريقو ڪاليجن توڙي يونيورسٽيءَ ۾ هڪ جهڙو آهي، جيڪو صرف ”ليڪچرن“ تائين محدود آهي. اتان جا استاد پنھنجي رهائشگاهن تي بہ تعليم ۽ تربيت ڏين ٿا. ”آڪسفورڊ يونيورسٽي“ جي مشھور ”بوڊيلين (Bodielian) لائبرري“ پوري دنيا ۾ مشھور ۽ وڏي لائبرري آهي. سال 1946ع ۾ واڌارو ڪري، هن لائبرري ۾ پنجاھہ لک ڪتابن جي گنجائش رکي وئي هئي.


لفظ آڪسفورڊ يونيورسٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو