آڪلو: هن نالي سان تعلقي عمرڪوٽ ۽ تعلقي ڏيپلي ۾ ٻہ ڳوٺ آباد آهن. هڪ تعلقي عمرڪوٽ جي ديھہ ’ڪاڇيلي‘ ۾، جنهن ۾ پرائمري اسڪول بہ آهي. ٻيو ڳوٺ تعلقي ڏيپلي جي ديھہ ”ونگي“ ۾ آباد آهي.