
آگرو
آگِرو: آگرو شھر الهندي اتر پرديش (ڀارت) ، درياءِ جمنا جي ڪناري تي آباد آهي. هن شھر جو بنياد سڪندر لوڌيءَ وڌو هو، ڇو تہ ان کي آگري کي وچ هند جو مرڪز بنائي اڳتي وڌڻو هو. پوءِ اڪبر بادشاھہ 1566ع ۾ آگري کي مغل سلطنت جي دارالحڪومت جي حيثيت سان منتخب ڪيو. يقيناً ان ڪري جو هن جون نظرون مالوي، راجپوتانا، گجرات ۽ دکن تي ڄميل هيون. پوءِ هو سيڪري ۾ سليم چشتي رحه جو گهڻو معتقد ٿي ويو. سليم چشتي رحه کان اولاد نرينه جي دعا ڪرڻ لاءِ چيائين. جڏهن پٽ جي ولادت جو وقت ويجهو آيو تہ ديري لاءِ شيخ سليم چشتيءَ جي درگاھہ وٽ محل جو انتظام ڪيو. شھزادو سليم اتي پيدا ٿيو. هن هنڌ کي اڪبر بابرڪت سمجهي سيڪري وٽ فتح پور جي نالي سان نئون دارالحڪومت ان ميدان تي قائم ڪيو، جتي بابر راڻي سنگا تي فتح حاصل ڪئي. فتح پور سيڪري آگري کان گهٽ ۾ گهٽ 30 ميلن جي فاصلي تي الهندي پاسي واقع آهي. ڪجهہ وقت دهلي ۽ آگرو ٻئي گڏجي دارالحڪومت رهيا، جڏهن شاھجھان دهليءَ ۾ لال قلعو ۽ ٻيون عمارتون تعمير ڪرائي نئون شھر ”شاھہ جھان آباد“ جي نالي سان آباد ڪيو تہ آگري جي اهميت گهٽجي وئي پر آگري شھر جي شاهي عمارتنجو جواب نہ آهي. مثلن تاج محل، قلعو، موتي مسجد، جامع مسجد، اڪبر جو مقبرو (سڪندره نزد آگرو) وغيره، آگرو اهم ريلوي جنڪشن پڻ آهي. ”آگره يونيورسٽي“ علمي مرڪز جي حيثيت سان مشھور آهي.