غلام رباني آگرو

غلام رباني آگرو

آگرو غلام رباني

آگرو، غلام رباني:ناميارو سنڌي اديب ۽ ڪهاڻيڪار، غلام رباني آگرو، تعلقي ڪنڊياري جي ڳوٺ ’محمد خان آگري‘ ۾ 5 نومبر 1933ع تي ڄائو. شروعاتي تعليم پنھنجي پيءُ کان ورتائين، جيڪو ان وقت تعليم کاتي ۾ استاد هو ۽ تعليم کاتي نوابشاھہ ۾ انسپيڪٽر مقرر ٿيو. رباني صاحب 1951ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان نوشهري فيروز مدرسي هاءِ اسڪول مان پاس ڪرڻ کان پوءِ حيدرآباد هليو آيو، جتي گورنمينٽ ڪاليج ڦليليءَ ۾ ٻہ سال تعليم ورتائين. ان کان پوءِ پاڻ ڪراچيءَ هليو آيو، جتي آرٽس ۾ بي. اي ڪيائين. رباني صاحب لکڻ جي شروعات 54-1953ع ڌاري ڪئي. اول ماهنامي ’نئين زندگيءَ‘ ۾ جوائنٽ ايڊيٽر ٿيو ۽ پوءِ 1959ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. 5 سالن کانپوءِ 1976ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو پرو وائيس چانسلر مقرر ٿيو، تڏهن شيخ اياز وائيس چانسلر جي عهدي تي هو. 1980ع ۾ رباني صاحب واپس سنڌي ادبي بورڊ موٽي آيو، جتي هن پنھنجي عهدي سنڀالڻ سان گڏ روزاني هلال پاڪستان ۾ ”سنڌي ڪلچر: پس منظر ۽ پيش منظر“ جي سلسلي جا مضمون لکيا. سندس 1954ع کان 1960ع تائين لکيل ڪهاڻيون، ’آبِ حيات‘ جي نالي سان ٽي دفعا ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي چڪيون آهن. 1984ع جي آخر ۾ هو اڪادمي ادبيات پاڪستان، اسلام آباد جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ٿيو، جتي 6 سالن کان پوءِ کيس چيئرمئن جي عهدي تي ترقي ڏني وئي. انهيءَ عرصي دوران کيس لاهور ۾ مرڪزي ادبي بورڊ (جنهن کي هاڻي اردو سائنس بورڊ چيو وڃي ٿو) ۽ اسلام آباد ۾ نئشنل انسٽيٽيوٽ فار ڪلچر ائنڊ ريسرچ ادارن جون اضافي ذميواريون پڻ ڏنيون ويون. رباني صاحب، اسلام آباد ۾ چيئرمئن اڪيڊمي آف ليٽرس رهڻ کان پوءِ، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر مقرر ٿيو ۽ 1996ع ۾ اتان رٽائر ڪيائين. کيس حڪومتِ پاڪستان طرفان ’تمغه امتياز‘ جو اوارڊ ڏنو ويو ۽ صدر پاڪستان کيس الڳ ’حسنِ ڪارڪردگيءَ‘ جو اوارڊ پڻ ڏنو. رباني صاحب، سارڪ ملڪن جي ڪلڪتي ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۽ ڍاڪا ۾ پاڪستان جي وفدن جي قيادت ۽ ٻہ دفعا چين ۾ ۽ ٻہ دفعا ايران ۾ پاڪستاني اديبن جي وفدن جي پڻ قيادت ڪيائين رباني صاحب جي ڪن ڪهاڻين جا، هندستان ۽ پاڪستان جي مکيہ ٻولين مثلاً: اردو، هنديءَ، مرهٽيءَ، پنجابيءَ ۽ گجراتيءَ کان سواءِ انگريزيءَ، چيني ۽ جرمن زبانن ۾ بہ ترجما ٿي چڪا آهن. چيئرمئن اڪيڊمي آف ليٽرس جي زماني ۾ سندس پاڪستان جي مکيہ اديبن ۽ شاعرن سان ملاقاتون ٿيون. سنڌ جي مکيہ اديبن ۽ عالمن جي خاڪن تي مشتمل سندس ڪتاب ’جھڙا گل گلاب جا‘، سنڌي ادبي بورڊ، ٻن جلدن ۾ شايع ڪيو آهي. ان کان سواءِ پاڪستان جي ٽن برگزيده شخصيتن ۽ اهل الله، قلندر لعل شھباز رح، پير سائين محمد راشد روضي ڌڻيءَ رح ۽ غوث بھاءُ الحق ملتاني رح جي سوانح ۽ تعليمات تي مشتمل سندس ڪتاب ’سنڌ جا بر، بحر ۽ پهاڙ‘ ٽي سال اڳ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي. سندس انٽرويو چين جي ممتاز اخبار ’پيپلز ڊيليءَ‘ ۾ شايع ٿيا آهن، جڏهن تہ ڪجهہ ٻيا انٽرويو ريڊيو وائيس آف آمريڪا تان پڻ نشر ٿيا. انگلينڊ جي مشھور محقق ڊيوڊ چيئرمن، ڪئناڊا جي محقق ڊاڪٽر مئڪلين ۽ جرمنيءَ جي عالم خاتون ڊاڪٽر ائينيمري شمل پنھنجي لکيل ڪتابن ۾ رباني صاحب جي ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن. رباني صاحب ڪجهہ سال اڳ ٻيهر سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري رهيو.غلام رباني آگري جي وفات 18 جنوري 2010ع تي ٿي. سندس مزارڪنڊياري لڳ سندس ڳوٺ آڳڙا ۾ واقع آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.11.05  عيسوي

غلام رباني آگرو ، تعلقي ڪنڊياري جي ڳوٺ ’ محمد خان آگري ‘ ۾ 5 نومبر 1933ع تي ڄائو .


2010.01.18  عيسوي

غلام رباني آگري جي وفات 18 جنوري 2010ع تي ٿي. سندس مزارڪنڊياري لڳ سندس ڳوٺ آڳڙا ۾ واقع آهي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسرار شام
جئسنگهاڻي شيام
پرويش شاهين
ستار بلوچ
صالح کهڙو
پٺاڻ محمد اسماعيل
چنا شبير ’ناز‘
ڄيٺانند ڀاونداس لعلواڻي
خالد آزاد
رضا علي عابدي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون