آگهمي، ابو طالب: حاجي ابو طالب آگهمي، پنھنجي وقت جو ولي ڪامل درويش ۽ خواجہ محمد زمان لنواريءَ واري جي مريدن مان ھو، حاجي ابوطالب آگهمي خواجہ صاحب جي صحبت کان اڳ ۾ پيرين پنڌ شام، روم، عرب، عجم جو سفر ڪري درويشن جون زيارتون ڪيون ۽ کانئن فيض ورتا، حاجي ابو طالب تارڪ الدنيا درويش ھو، زندگيءَ ۾ ڪڏھن بہ ڪنھن کي سوال ڪو نہ ڪيو ھئائين. سندس گهر واري ”ڏڌ“ ولوڙيندي ھئي ۽ ھي اھو کڻي بازار ۾ وڪڻندو ھو. مشھوري يا پيري مريديءَ کان ڪوھين ڀڄندو ھو، سموري ڄمار ۾ فقط ٻہ مريد ڪيا ھئائين، جن مان ھڪ سيد محمد مدني ھو، جو عرب ملڪ ۾ پنھنجي وقت ۾ ھڪ وڏو مشھور بزرگ ڪامل ٿي گذريو آھي. شيخ ابو طالب اگهمي پوئين ڄمار ۾ حيدرآباد سنڌ جي ڏکڻ ۾ سيد پور جي ڳوٺ ۾ اچي رهيو، جتي ئي وفات ڪيائين سندس مقبرو اتي ئي آھي. ھي بزرگ 13 صديءَ جي بزرگن مان آھي.