
ائنا اخمتووا
ائنا اخمتووا: ائنا اخمتووا، جديد روسي شاعرہ هئي. هوءَ خاموش مزاج عورت هئي، سندس آتم ڪهاڻيءَ جو ٿورو احوال سندس شاعريءَ مان ظاهر آهي. اخمتووا ڪاري سمنڊ جي ڀرسان هڪ ڳوٺ اوڊيسا ۾ پيدا ٿي هئي، جيتوڻيڪ هن جي زندگي ۽ شاعري پيٽرسبرگ سان وابستہ آهي. هن زارسڪوف سيلو (زار جي ڳوٺ) ۾ پنھنجي زندگيءَ جا 16 سال گذاريا. اهو ڳوٺ پيٽرسبرگ جي ويجهو آهي. 1944ع ۾ جڏهن جنگ کان پوءِ هوءَ لينن گراڊ موٽي وئي، تہ پنھنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ هن لکيو تہ 1890ع ۾ جڏهن هوءَ ٻار هئي تہ اتان جا ساوا ۽ گهِميل خوبصورت باغيچا ۽ واڙا، جتي هوءَ پنھنجي ٻڪريءَ کي گهلي ويندي هئي ۽ پراڻي ريلوي اسٽيشن اهي سڀ کيس ياد ايندا هئا.
1907ع ۾ هن ڪيف ۾ تعليم ورتي ۽ 1910ع ۾ نڪولائي گوميلاف سان شادي ڪيائين، جو روسي شاعريءَ ۾ انقلاب کان اڳ هڪ رنگين مزاج شخصيت هو. هو پهريون شاعر هو، جنهن غير مغربي ملڪن مان نوان موضوع پنھنجي شاعريءَ ۾ آندا هئا. هن آفريڪا جي ملڪن، خاص ڪري ائبيسينيا (حبش) جو سفر ڪيو ۽ اتان جون ڪيئي ڪهاڻيون ۽ خيال پنھنجي تحرير ۾ آندا، پر ان ۾ مذهبي دهشت ۽ خوشيءَ ۾ غم سان بي پرواهيءَ جو عقيدو هو، جنهن هن جي شاعريءَ کي منظر نگاريءَ کان مٿي ڪري بيهاريو هو. اخمتووا هن سان شاديءَ ۾ خوش نہ هئي ۽ اهڙو ذڪر هن ڪيترن ئي هنڌن تي ڪيو آهي. هن پهريون ڀيرو اولھہ يورپ، گوميلاف سان پنھنجي هَني مون تي ڏٺو، جو هنن پئرس ۾ ملهايو ۽ جڏهن هوءَ ٻيهر 1911ع ۾ وئي. هوءَ مصور مودليانيءَ سان ملي، جڏهن اڃا هو مفلس هو ۽ کيس ايتري مڃتا نہ ملي هئي ۽ هن جي موجودگيءَ ۾ فرينچ شاعر ورلين کي پنهنجا ڪيئي نظم ٻڌايائين. مودليانيءَ هن جون ڪيئي تصويرون ڪڍيون، جن مان هڪ بچي وئي، جا پڇاڙيءَ تائين هن جي ديوار تي ٽنگيل هوندي هئي. هن کي پئرس ائين لڳو، ڄڻ اهو هن جي زندگيءَ جو پيٽرس برگ وانگر ٻيو ٿنڀو هو، پر هوءَ روس ۾ پنھنجي مرضيءَ سان موٽي آئي ۽ رهي پئي. 1910ع ۾ هن جي شاعريءَ ۾ اليگزينڊر بلاڪ وانگر اچڻ واري سرد ۽ اونداهي مستقبل، جو اچي رهيو هو، جو تصور ۾ ئي ملي ٿو. 1944ع ۾ هن لکيو تہ: ”هن ظالم دور ۾ مون کي ائين پاسيرو موڙيو ويو آهي، جيئن ڪا ندي پنهنجو وهڪرو ڦيرائي ڇڏي.“
پيٽرسبرگ موٽي هن تمام سنجيدگيءَ سان نظم لکيا، جيتوڻيڪ هن جي مڙس کي هن جي ڏات جي باري ۾ پڪ نہ هئي ۽ هن کي ان لاءِ آمادہ ڪندو رهيو تہ هو بئلي ڊانسر ٿئي. هن جڏهن شاعر انينسڪيءَ کي هن جي موت بعد پڙهيو تہ هن کي محسوس ٿيو تہ کيس پنهنجو آواز ملي چڪو آهي. اَنينسڪي هڪ علامت پسند هو، پر ٻين علامت پسند شاعرن کان مختلف هو، جيڪي چوندا هئا تہ هاڻي ۽ هتي غير حقيقي آهن، هر شيءِ ناس ٿيڻي آهي. خود اليگزينڊر بلاڪ جي تصور کي بہ اهڙيون حالتون گرمائينديون هيون، جي قيامت وانگر اچڻيون هيون. 1910ع ۾ اهڙي تحريڪ پنھنجي تخليق ۾ سلسليوار نہ رهي ۽ 1912ع ۾ ٻہ گروپ پيدا ٿيا، جن کي فيوچرسٽ ۽ ائڪميسٽ چيو ويندو هو . پهرين جو ليڊر ماياڪووسڪي هو، جيڪو علامت پسنديءَ جو وڏو مخالف هو ۽ عام رواجي ٻولي شاعريءَ ۾ ڪم آڻيندو هو ۽ جنهن هر قسم جي تصور کي رد ڪري ڇڏيو. ائڪميزم جو وڏي ۾ وڏو شاعر آسپ ميڊالسٽام هو ۽ ان بہ علامت پسنديءَ جي مخالفت ڪئي. اخمتووا ميڊالسٽام جي دوست بہ هئي ۽ هن کان ڪافي متاثر بہ هئي. هن جي مڙس گوميلاف هڪڙو جدا شاعرن ۽ اديبن جو گروھہ ٺاهيو. ميڊالسٽام اخمتووا جي پهرئين جلد تي مهاڳ لکيو. 1911ع ۾ اخمتووا اٽليءَ، جنيوا، فلارنس، وينس ۽ ٻيا شھر ڏٺا ۽ اطالوي مصوريءَ ۽ تعمير جي فن کان ڪافي متاثر ٿي. 1917ع ۾ اخمتووا ائين سمجهيو تہ روس خودڪشي ڪئي آهي ۽ روسي چرچ جي بازنطيني روح کي الوداع ڪئي آهي. هن پوءِ ڪجهہ ڪتاب لکيا ۽ ميڊالسٽام جي زال ناديزدا جي گهري ساهيڙي ٿي وئي، جڏهن پهرين مهاڀاري لڙائي لڳي تہ ان ۾ گوميلاف شريڪ ٿي، فرانس ويو ۽ آڪٽوبر انقلاب کان پوءِ موٽيو. 1918ع ۾ ائنا اخمتوا کي طلاق ڏنائين. ان کان پوءِ هن جي زندگيءَ جو وڌيڪ احوال موجود نہ آهي، پر هوءَ ميڊالسٽام سان گڏ لينن گراڊ ۾ گهمندي هئي ۽ آرٽ اڪيڊميءَ ۾ وقت گذارڻ کان سواءِ هن کي پنھنجي شاعري پڙهي ٻڌائيندي هئي. هن لينن گراڊ ۾ تمام تڪليف ڏيندڙ وقت گذاريو ۽ ٻي جنگِ عظيم ۾ تہ گهڻا سور سَٺا، جن جي عڪاسي شاعريءَ ۾ ڪئي اٿائين. 1921ع ۾ هن جي اڳين مڙس گوميلاف کي بالشيوڪن گولي هڻي ماري ڇڏيو، جن شاعرن ۽ دانشورن کي ڪافي ڇرڪايو. 1923ع کان 1940ع تائين سندس ڪا بہ تخليق منظرِ عام تي نہ آئي، ڇو تہ سينٽرل ڪاميٽيءَ اهڙو ٺهراءُ بحال ڪيو هو تہ هن جي ڪابہ شيءِ ڇپائيءَ هيٺ اچڻ نہ کپي، جڏهن سوويت يونين جا نازي جرمنيءَ سان واسطا چڱا هئا تہ اخمتووا مقبوضہ پئرس ۽ بمباريءَ هيٺان لنڊن ڏانهن پنهنجو توجھہ ڪيو ۽ 1940ع ۾ هن جيڪو نظم لکيو، اهو روس ۾ ڇپجي نہ سگهيو. اهو هڪ نهايت دردناڪ نظم آهي.
41-1942ع ۾ هوءَ بار بار دوستو وسڪي پڙهندي رهي، جنهن جي مطالعي جو اثر سندس شاعريءَ تي آهي. دوستو وسڪيءَ ۾ ايندڙ تباهيءَ جون اڳڪٿيون هيون. جڏهن لينن گراڊ جو گهيراءُ ٿيو، تڏهن هن پهريون سيارو نهايت سرديءَ ۾ گذاريو ۽ ان کان پوءِ کيس تاشقند هوائي جھاز ۾ نيو ويو، جتي هوءَ اڍائي سال رهي ۽ پنهنجو منتخب ڪلام ڇپايائين، جو يڪدم وڪامي ويو. ڪيترن ئي روسين لاءِ هوءَ روس جو آواز هئي، پر اسٽالن هن جو مخالف هو ۽ هن جي جنهن تقريب ۾ عزت افزائي ڪئي وئي هئي، ان تي اعتراض ڪيو هئائين. جنگ جي خاتمي کان پوءِ هن اشاعت لاءِ پنهنجا نوٽ لکيا، سوويت ادبي حلقي وٽ پيش ڪيا ۽ هن جي ڪليات جي ڇپائيءَ جو اعلان ڪيو ويو، پر اها هن جي شاعريءَ وانگر نہ ڇپجي سگهي، جيتوڻيڪ چيو وڃي ٿو تہ ان جا پروف بہ پڙهيا ويا هئا. 14 آگسٽ 1946ع ۾ پارٽيءَ جي مرڪزيءَ ڪاميٽيءَ هن کي روسي اديبن جي انجمن مان خارج ڪيو ۽ هن جي ڪتابن جي اشاعت تي بندش وڌي وئي، جا 1953ع ۾ اسٽالن جي موت تائين رهي. گهر جي تلاشيءَ جي ڀَوَ کان هن ڪيتري شاعري ۽ نثر جلائي ڇڏيو هو، هن جي پٽ کي 3 ڀيرا پهريائين قيد ڪيو ويو هو. هن پارٽيءَ جي بندش خلاف پنهنجو ردِ عمل نہ ڏيکاريو، ڇاڪاڻ جو اڳ ئي اسٽالن، مينڊالسٽام کي مارائي ڇڏيو هو. هوءَ حالتن کان گهٻرائي خاموش ٿي وئي ۽ 1950ع ۾ مري وئي. سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز هن جي شعرن کان ڪافي متاثر هو، کيس دنيا ۾ جيڪي 5-6 وڏيون شاعرائون ٿيون آهن، تن مان هڪ مڃيندو هو. (شيخ اياز جي ڪتاب ’ڪتين ڪر موڙيا جڏهن‘ ڀاڱي ٻئي تان ورتل).
00.00.1950 عيسوي
ائنا اخمتووا 1950ع ۾ وفات ڪري وئي.