ائنٿراپالاجي(Anthropology ):علم الانسان، يا بشريات، جنهن ۾ ثقافتي، تاريخي ۽ طبعي سطح تي انسانن ۽ انهن جي معاشرن جي گروهه بندي ۽ انسانن بابت مشاهدي جو موضوع هجي. انساني روين سان لاڳاپيل ٻين علمن کي ڇڏي، علم الانسان قديم آثارن جي کوجنائن ۽ مقامي ماڻهن کان ملندڙ مواد تي ٻڌل هوندو آهي. جنهن کي اوڻيهين صديءَ جي وچ ڌاري هڪ الڳ علم جي حيثيت ڏني وئي، ان کان اڳ ان کي حياتيات، ارضيات، لسانيات، نفسيات ۽ آثار قديمه جو هڪ حصو سمجهيو ويندو هو. انساني معاشرن جي آغاز ۽ ڏند ڪٿائي علم جي حقيقي مطالعي ۾ پڻ ائنٿراپالاجي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هڪ منفرد علم جي حيثيت سان پنهنجو وجود برقرار رکندي انساني معاشرتي لڳ لاڳاپن جي مطالعي ۽ ثقافت جو وڏو حصو رهيو آهي جنهن کي ثقافتي بشريات چون ٿا. انساني روين سان لاڳاپيل ٻين علمن کي ڇڏي علم الانسان، قديم آثارن جي دريافتن ۽ اڻ پڙهيل ماڻهن کان مليل معلومات واري مواد تي تمام گهڻي توجهه ڏني آهي. هڪ الڳ منفرد ۽ اعليٰ علم جي ناتي هن علم انساني روين ۽ معاشري سان لاڳاپيل علمن سان پنهنجو واهپو ۽ تعاون وڌايو آهي. علم الانسان جون ٻه وڏيون شاخون آهن.
1. جسماني بشريات جو تعلق انساني جسم جي ارتقا سان آهي. هن ۾ انساني ڍانچن جو مطالعو ڪري معلوم ڪيو ويندو آهي ته انسان جي واڌ ويجهه ڪيئن ٿي، ان ۾ وقت به وقت ڪهڙيون تبديليون رونما ٿيون. مختلف خطن ۾ رهڻ وارن انسانن جي وچ ۾ ڪهڙو فرق آهي. وارن، چمڙيءَ جي رنگ، کوپڙي يا مٿي ۽ جسم جي گهاڙ يا بناوت ۽ انساني رت جي مختلف قسمن جو تقابلي مطالعو به جسماني بشريات جو حصو آهي.
2. ثقافتي بشريات جو تعلق انساني رهائش سان آهي. ثقافتي بشريات جا ماهر انهن سماجي ڪِرتن ۽ رسمن جو مطالعو ڪندا آهن، جيڪي انساني گروهن کي هڪ ٻئي مٿان فوقيت ڏين ٿيون. خاندانن ۽ قبيلن تي غور ڪيو ويندو آهي ته اهي ڪيئن وجود ۾ آيا. بشريات جي انهي شاخ ۾ ماهر ڪنهن معاشري جي رسمن، رواجن، ڪم ڪرڻ جي عادتن، تفريحي مشغلن، فنون لطيفه، هٿ جا هنر، موسيقي ۽ ادب جي باري ۾ تحقيق ۽ مطالعو ڪندا آهن. ان کان سواءِ هن علم جا ماهر مخصوص سماجن جي مذهب، زراعت، طب ۽ اوزارن جو به مطالعو ڪندا آهن.