ابت ڪنڊڙي ٻوٽو

ابت ڪنڊڙي ٻوٽو

ابت ڪنڊڙي

اُبَتَ ڪنڊڙي (Prickly chaff flower)ِ: هيءُ ٻوٽو گهڻو ڪري سنڌ ۾ هرهنڌ ٿئي ٿو. هن ٻوٽي جي ٽارين ۾ قدرتي طرح اُبتا ڪنڊا ٿيندا آهن، انهيءَ نسبت سان ٻوٽي جو نالو بہ ’ابت ڪنڊڙي‘ پئجي ويو. فارسيءَ ۾ هن کي ”خارناز“ چوندا آهن. هن جو نباتاتي نالو Achyranthus aspera آهي. گهڻو ڪري هيءُ ٻوٽو پاڻيءَ ۽ پوسل وارين جاين جي ڪنارن تي ٿيندو آهي. باغن ۾ گهڻو ٿئي ٿو. هيءُ ٻوٽو اندازاً ٻہ فوٽ کن اوچو ٿيندو آهي. هرهڪ ٽاريءَ جي ڇيڙي ۾ ٽي انچ کن سنگ ٿيندو اٿس، جنهن ۾ ڀُرٽ وانگر ٻج ٿيندا آهن، جيڪي سنگ تي اُبتا لڳل هوندا آهن. هن ٻوٽي کي ٻڪريون ۽ اُٺ چاھہ سان کائيندا آهن. حڪيم ان لاءِ چون ٿا تہ هن ٻوٽي کي گهوٽي پاڻي ڪري پيارجي تہ طبي لحاظ کان رت جي صفائي، خارش ۽ ڦٽن ڦُرڙين ۽ ٻين خرابين لاءِ مفيد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو