
عربي ابجد
اَبجدَ: الفابيٽ (Alphabet) عربي، فارسي ۽ سنڌي جي ابتدائي اکرن يعني ا،ب،ج، د جو مرڪب، حروف تهجي. هر زبان جا اهي بنيادي حروف آهن جن جي مدد سان لفظ جوڙيا ويندا آهن. قديم زماني ۾ فن تحرير جي وجود ۾ اچڻ کان پهرين مطلب جي اظهار لاءِ تصويرون ٺاهيون وينديون هونديون هيون. رفتہ رفتہ انهن تصويرن جا مختصر اشارا ٺاهي حرفَ جوڙيا ويا. هر حرف گويا هر آواز جي هڪ تصوير آهي. حروف ابجد جي ايجاد جو سھرو فونيقي قوم جي سر تي آهي، جنهن سڀ کان پهرين هي حرفَ مرتب ڪيا هئا. فونيقي لوڪن کي سنڌ جو ماهر آثار قديمہ مرحوم تاج صحرائي ’پڻي لوڪ‘ سڏي ٿو، جيڪي اهم رسم الخط آڳاٽي سنڌ مان کڻي ويا هئا. بعد ۾ جاپان ۽ چين کان سواءِ ٻين قومن انهن کي پنھنجي ضرورت مطابق استعمال ڪيو. يورپ ۾ لاطيني حروف ابجد رائج آهن، جيڪي قديم حرفن تان اخذ ڪيا ويا آهن. لاطيني زبان ۾ الف کي الفا ۽ ب کي بيٽا چوندا آهن. اهڙي طرح الفا ۽ بيٽا کي ملڻ سان الفابيٽ ٿي ويو. عربي زبان جا حروف ابجد بہ فونيقي ئي تان اخذ ڪيا ويا آهن. عرب ۽ فونيقي سامي نسل سان تعلق رکندڙ آهن. رسول ﷲ صلي ﷲ عليہ وسلم جن جنهن رسم الخط ۾ شاھہ حبشه کي خط تحرير ڪيو هو، انهيءَ ۾ ۽ فونيقي رسم الخط ۾ گهري مشابهت نظر اچي ٿي. عربي زبان جا 29 حروف ابجد آهن، فارسي جا 32، سنڌي جا 52 ۽ اڙدوءَ جا 37 حروف ابجد آهن.
ڳاڻيٽي جي ترتيب موجب عربي الف_ بي جا اَٺ لفظ. انهن اٺن لفظن مان پهريون لفظ جنهن مان عام طور تي عرب پنھنجي الفابيٽ مراد وٺندا آهن. عربي زبان جي 28 الفابيٽ وارن اکرن کي اٺن لفظن ۾ هيئن ورهايو ويو آهي:
ابجد، هُوز، حطِي، ڪَلمَن، سَعفَص، قرشت، ثخَذ، ضظغ.
انهيءَ سلسلي جي پهرين ڇھن لفظن ۾ فونيقي ٻوليءَ جي الفابيٽ جي اکرن جي ترتيب آهي ۽ باقي پويان ٻہ لفظ خالص عربي ٻوليءَ جي اکرن تي مشتمل آهن. عربن، يونانين وانگر هر اکر جي ترتيبوار، هڪ عددي قيمت مقرر ڪري ڇڏي هئي:
انهن عددي قيمتن جي استعمال ۽ حساب کي ’جمل‘ سڏيندا آهن، مثلاً موت جي تاريخ جا مادہ ڪڍڻ، ڪتابن جي لکڻ جون تاريخون، عمارتن جي اڏاوتن جون تاريخون وغيرہ ڪڍڻ لاءِ انهن اکرن مان مدد ورتي ويندي آهي.