ابدال

ابدال: ابدال عربي زبان جي لفظ ” بدل “ مان ورتل آهي ، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي: ” عيوضي يا ٻئي جي بدران ڪم ڪندڙ “ . اصطلاحي زبان ۾: پاڪ جي محبت ۾ دنيا جي ڪاروبارن کان ڪنارہ ڪشي ڪندڙ شخص ، الھہ لوڪ درويش ، خدا جو خاص ( پيارو ) ٻانهو ، مجذوب يا مست فقير .
عام طرح چيو ويندو آهي تہ ، دنيا ۾ ستر ابدال هر وقت موجود رهن ٿا ، جن مان چاليھہ شام ۾ ۽ باقي ٽيھہ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل آهن . پوءِ جڏهن بہ خدا تعاليٰ جي پيارن بندن مان ڪو لاڏاڻو ڪري ٿو ، تہ سندس جاءِ تي ڪنهن ٻئي کي بزرگي عطا ٿئي ٿي .


لفظ ابدالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو