اَبدالِي: پٺاڻن جو هڪ قبيلو جيڪو اڳ ’ابدالي‘ جي نالي سان مشھور هو. ابدالي قبيلي جا چار پاڙا (محمد زئي، فاضل زئي، بارڪ زئي ۽ آلڪ زئي) آهن، پر هاڻي ابدالي ’دراني‘ جي نالي سان مشھور آهن. ابدالي قنڌار جي علائقي جا رهاڪو هئا، جيڪي پوءِ هرات هليا ويا. اهو شاھہ عباس اول جو دور هو، ان هنن جي هڪ سردار سدو کي ”امير افغانه“ جو لقب ڏنو ان ڪري هي سدوزئي مشھور ٿيا. نادر شاھہ افشار، ابدالين کي زير ڪري ورتو، پر انهن سان سختي نہ ڪيائين.