
احمد شاهه ابدالي
ابدالي، احمد شاھہ: احمد شاھہ ابدالي افغانستان جي علائقي هرات ۾، 1136ھہ/1723ع ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ جو نالو محمد زمان خان هو. 20 سالن جي عمر ۾ نادرشاھہ جي فوج جو سپھہ سالار ٿيو. بهادري ۽ وفاداريءَ سبب نادر شاھہ هن جو قدر ڪندو هو. سن 1747ع ۾ جڏهن نادرشاھہ کي پنهنجن ئي ماڻهن سندس خيمي ۾ گهڙي قتل ڪيو تہ ان کان پوءِ آڪٽوبر 1747ع ۾ افغان سردارن احمد شاھہ ابداليءَ کي بادشاھہ چونڊيو.
بادشاھہ ٿيڻ کان پوءِ هن ڪيترائي دفعا هندستان تي حملا ڪيا. ڪشمير، پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان کي افغان حڪومت ۾ شامل ڪيائين. خراسان جو بہ ڪجهہ علائقو هٿ ڪيائين. احمد شاھہ ابداليءَ جي گادي قنڌار ۾ هئي، جتي هن عاليشان عمارتون تعمير ڪرايون. هندستان ۾ احمد شاھہ ابداليءَ جون ٻہ لڙايون قابل ذڪر آهن. پهرين، جنوري 1761ع ۾ پاڻيپٽ جي ٽين لڙائي، جنهن ۾ مرهٽن کي شڪست آئي ۽ ٻي جنگ دوراھہ، جنهن کي سِک ”گهلو گهاڙا“ يعني بي پناھہ قوت سڏيندا آهن، اها لڙائي 1762ع ۾ ٿي، جنهن ۾ سکن جو وڏو تعداد قتل ٿي ويو.
احمد شاھہ، افغانستان جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي ۽ ان کي هڪ وحدت بنايو. هن ئي مستقل افغانستان جو بنياد رکيو. نادرشاھہ وانگر احمد شاھہ ابداليءَ جي حملن بہ مغل سلطنت کي ڪمزور ڪيو، ۽ ان جي نظام کي سخت نقصان پهتو. هن 1749ع ۾ سنڌ تي پڻ ڪاھہ ڪئي ۽ وڏي تباهي مچائي. سندس موت 20 رجب 1186ھہ/17 آڪٽوبر 1773ع تي واقع ٿيو. منشي ٽوپڻ مل حيدرآبادي پنھنجي ڪتاب ”تاريخ سنڌ“ ۾ لکي ٿو تہ ”احمد شاھہ دراني (ابدالي) گهڻي لشڪر ۽ جنگي ساز و سامان سان گڏ لاڙڪاڻي سنڌ ۾ آيو. ميان نور محمد پنهنجو وڪيل احمد شاھہ درانيءَ جي درٻار ۾ موڪليو هو، پر هن مٿس هر سال خراج يا ڏن مقرر ڪيو، جيڪو ميان صاحب ادا ڪندو هو.“
1747.00.00 هجري
سن 1747ع ۾ جڏهن نادرشاهه کي پنهنجن ئي ماڻهن سندس خيمي ۾ گهڙي قتل ڪيو ته ان کان پوءِ آڪٽوبر 1747ع ۾ افغان سردارن احمد شاهه ابداليءَ کي بادشاهه چونڊيو .
1723.00.00 عيسوي
ابدالي ، احمد شاهه: احمد شاهه ابدالي افغانستان جي علائقي هرات ۾ ، 1136هه/1723ع ۾ پيدا ٿيو . سندس پيءُ جو نالو محمد زمان خان هو . 20 سالن جي عمر ۾ نادرشاهه جي فوج جو سپهه سالار ٿيو
1761.00.00 عيسوي
هندستان ۾ احمد شاهه ابداليءَ جون ٻه لڙايون قابل ذڪر آهن . پهرين ، جنوري 1761ع ۾ پاڻيپٽ جي ٽين لڙائي ، جنهن ۾ مرهٽن کي شڪست آئي
1762.00.00 عيسوي
ٻي جنگ دوراهه ، جنهن کي سِک ” گهلو گهاڙا “ يعني بي پناهه قوت سڏيندا آهن ، اها لڙائي 1762ع ۾ ٿي ، جنهن ۾ سکن جو وڏو تعداد قتل ٿي ويو .
1749.00.00 عيسوي
هن 1749ع ۾ سنڌ تي پڻ ڪاهه ڪئي ۽ وڏي تباهي مچائي . سندس موت 20 رجب 1186هه/17 آڪٽوبر 1773ع تي واقع ٿيو .