ابراهيم آڌيلو: ميون ابراهيم آڌيلو شاھہ عبداللطيف ڀٽائي رح جي ويجهن خليفن مان ٿي گذريو آهي هي ذات جو سومرو ۽ کاري شھر جو رهاڪو هو. روايت آهي تہ کيس ڀٽائيرح کان حڪم مليو تہ کاري شھر ۾ وڃي رھہ، هيءُ اوڏانهن وڃڻ لاءِ تيار نہ هو پر ڀٽائي جي حڪم تي کاري شھر ۾ رهيو. روايت آهي تہ هڪ ڀيري شاھہ ڀٽائي وٽس ڀيرو ڪرڻ ويو. ابراهيم آڌيلي، شاھہ سائينءَ کي عرض ڪيو تہ ”مون اوهان جي چوڻ تي اچي کارو وسايو ۽ هتي گهاريو. هاڻ مون وٽ اوهان رهو يا پاڻ سان گڏ وٺي هلو.“ جنهن تي کيس شاھہ سائين چيو تہ: ”تون اتي ئي رھہ، البت اسان توکي پنھنجي اڌ امانت ڏيون ٿا. تون اڄ کان ابراهيم آڌيلو آهين.“ هن درگاھہ تي پهچڻ لاءِ گهوڙا ٻاريءَ کان خانپور جي ڳوٺ پهچبو تہ سامهون ابراهيم آڌيلي جا قبا نظر ايندا.