ابراهيم خليل

ابراهيم ’خليل‘: مخدوم ابراهيم ’خليل‘ بن مخدوم عبدالڪريم، 1827ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو ۽ 1899ع ۾ وفات ڪيائين. هو فارسي ۽ سنڌيءَ جو شاعر ۽ تذڪري نگار هو. سندس نسبي سلسلو حضرت صديق رضہ'>ابوبڪر صديق رضہ سان ملي ٿو. فارسي شاعري سندس خاص موضوع هو، پر سنڌي ۽ اردوءَ ۾ بہ شعر چوندو هو. فارسيءَ ۾ سندس تخلص ’خليل‘ ۽ سنڌيءَ ۾ ’اداسي‘ هو. سندس تصنيفن ۾ ’ديوان خليل‘، ’مڪاتيب‘ ۽ ’تڪمله مقالات الشعراء‘ شامل آهن، جيڪي سنڌي ادبي بورڊ ڇپايا آهن. ’خليل‘ مڪلي ٽڪريءَ تي دفن ٿيل آهي.


لفظ ابراهيم خليلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1899.00.00  عيسوي

مخدوم ابراهيم ’ خليل ‘ 1899ع ۾ وفات ڪئي.


1827.00.00  عيسوي

مخدوم ابراهيم ’ خليل ‘ بن مخدوم عبدالڪريم ، 1827ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابرار ابڙو
سوڀراج نرملداس فاني
شتروگن جسواڻي
امام الدين ضامن
امام علي فقير
صوفي نيڀراج سوٽهڙ
سليم بچاڻي
پارس رياض ملاح
سوامي پرمانند
ڀوپالي محسن
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون