ابراهيم خليل

ابراهيم ’خليل‘: مخدوم ابراهيم ’خليل‘ بن مخدوم عبدالڪريم، 1827ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو ۽ 1899ع ۾ وفات ڪيائين. هو فارسي ۽ سنڌيءَ جو شاعر ۽ تذڪري نگار هو. سندس نسبي سلسلو حضرت صديق رضہ'>ابوبڪر صديق رضہ سان ملي ٿو. فارسي شاعري سندس خاص موضوع هو، پر سنڌي ۽ اردوءَ ۾ بہ شعر چوندو هو. فارسيءَ ۾ سندس تخلص ’خليل‘ ۽ سنڌيءَ ۾ ’اداسي‘ هو. سندس تصنيفن ۾ ’ديوان خليل‘، ’مڪاتيب‘ ۽ ’تڪمله مقالات الشعراء‘ شامل آهن، جيڪي سنڌي ادبي بورڊ ڇپايا آهن. ’خليل‘ مڪلي ٽڪريءَ تي دفن ٿيل آهي.


لفظ ابراهيم خليلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1899.00.00  عيسوي

مخدوم ابراهيم ’ خليل ‘ 1899ع ۾ وفات ڪئي.


1827.00.00  عيسوي

مخدوم ابراهيم ’ خليل ‘ بن مخدوم عبدالڪريم ، 1827ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀاون علي شاھہ
انعام ٽکڙائي
شبنم موتي
تبسم عبدالغفار ڀٽي
حبيب ساجد
ٺٽوي نيازي
علي محمد ساغر سيوهاڻي
عيسو هالائي عاجز
فيض احمد فيض
انور ساگر ڪانڌڙو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون