
ڪعبة الله شريف ۾ حضرت ابراهيم ع جا قدم مبارڪ
ابراهيم خليل ﷲ حضرت: حضرت ابراهيم خليل الله، ﷲ پاڪ جو پيغمبر هو. قرآن پاڪ موجب سندن پيءُ جو نالو آزر هو، جيڪو بت پرست ۽ بت تراش هو. توريت موجب حضرت ابراهيم خليل ﷲ 2200 ق. م ۾ عراق جي شھر ’اُر‘ ۾ پيدا ٿيو. سندس قوم جا ماڻهو بت پرست هئا. توريت ۾ سندس والد جو نالو تارخ ڄاڻايل آهي، پر قرآن مجيد ۾ کيس بت تراشيءَ جي ڪم ڪرڻ سبب آزر سڏيو ويو آهي. قرآن پاڪ ۾ حضرت ابراهيم عليہ السلام ۽ آذر جي عقيدن جي اختلاف کي جنهن نموني ظاهر ڪيو ويو آهي ۽ جهڙيءَ طرح پاڻ پنھنجي قوم جي شرڪ کان نفرت ڪندا هئا، اها ڳالھہ سندن عظمت جي حقيقت ظاهر ڪري ٿي. جڏهن پاڻ جوان ٿيا تہ کين نبوت عطا ٿي. خدا جي دين جو پرچار شروع ڪيائون تہ وقت جي حاڪم نمرود کين باھہ ۾ اڇلارايو، پر قدرت جي منشا موجب اُهي شعلا گل بڻجي ويا. ان کان پوءِ فلسطين ڏانهن هجرت ڪيائون، جتي بيت المقدس جو بنياد وڌائون. کين ٻہ زالون هيون، هڪ جو نالو بي بي سائره ۽ ٻيءَ گهرواريءَ جو نالو بي بي هاجره هو. بي بي هاجره مان حضرت اسماعيل پيدا ٿيو، جڏهن تہ بي بي سائره مان حضرت اسحاق جنم ورتو. حضرت ابراهيم بيبي هاجره سان مڪي آيو، جتي ڪعبة ﷲ جو بنياد وڌائين. حضرت ابراهيم عليہ السلام کان ئي حضور صلي ﷲ عليہ وسلم جن جو شجرو شروع ٿئي ٿو ۽ سنت بہ ان سلسلي تحت شروع ٿئي ٿي. روايت موجب حضرت ابراهيم عليہ السلام 175 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.