ابراهيم دائود گلزار ميمڻ

ابراهيم دائود گلزار ميمڻ: نامياري سماجي ڪارڪن ابراهيم دائود ميمڻ 28 مارچ 1912ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم مدرسہ تقويت اسلام مان ورتائين. ان کانپوءِ دلاور خان هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو. جنهن بعد گهر ۾ تعليم جاري رکيائين ۽ ڪاروبار بہ ڪندو رهيو. ابراهيم دائود 1928ع ۾ ويراول ۾ هڪ اسلامي انجمن جو اعزازي سيڪريٽري ۽ 1942ع ۾ ميونسپل ڪارپوريشن جو ڪائونسلر چونڊيو ۽ جميعت المسلمين ويراول جو ميمبر پڻ ٿيو. ان کان علاوہ ان دؤر ۾ ايجوڪيشنل بورڊ جي ڪنوينر جي حيثيت سان ڪيترائي سال خدمتون سر انجام ڏنائين. هن پنھنجي زندگيءَ جو وڏو حصو حيدرآباد جي ميمڻ برادريءَ جي خدمت ۾ گذاريو. ويراول ۾ پنهنجن ادارن ۾ ”آزاد“ جي نالي سان هٿ سان لکيل رسالو شـايـع ڪـنـدو هـو. هـڪ سـٺو مقرر بہ هو. هن 22 مئي 1989ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1912.03.28  عيسوي

ابراهيم دائود گلزار ميمڻ: نامياري سماجي ڪارڪن ابراهيم دائود ميمڻ 28 مارچ 1912ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو .


1989.05.22  عيسوي

ابراهيم دائود گلزار ميمڻ: هن 22 مئي 1989ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سلطان علي خان ٽالپر
جان محمد عرف جهورو خان
جان محمد عباسي فدا
آريسر محمد ايوب فقير
ڀائي پرتاب
خان عبدالولي خان
غلام شبير شاھہ
محمد رفيق بلوچ
چاڪر خان راڄڙ
عالم شاھہ بخاري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون