
ابراهيم سنڌي
ابراهيم سنڌي: نامور اديب، عالم ۽ لطيف شناس، ڊاڪٽر ابراهيم سنڌيءَ جو پورو نالو محمد ابراهيم ولد محمد دائود سمون آهي. سندس جنم 5 نومبر 1953ع تي ڳوٺ خير محمد سمون، تعلقي بلڙي شاھہ ڪريم، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول عبدالرحيم ڪاتيار مان 1972ع ۾ ڪرڻ بعد 1973ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو. هن انٽر گورنمينٽ سجاول ڪاليج مان، بي. اي 1986ع ۾ ۽ ايم. اي 1988ع ۾ پاس ڪري بعد ۾ بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جا امتحان پاس ڪيائين. هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ‘شاھہ لطيف جي ڪلام ۾ مرد جو ڪردار’ جي عنوان تي 2009ع ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي. لطيفيات ۽ تاريخ تي تحقيقي ڪم سندس خاص مشغلو آهي. استادن جي تنظيم جو صدر مقرر ٿيو . ادبي مشغلن ۾ دلچسپي هئڻ ڪري پاڻ ڪجهہ عرصو سنڌي ادبي سنگت بلڙي شاھہ ڪريم جو سيڪريٽري رهيو. لکڻ جي شروعات اٺين ڪلاس کان ڪيائين. ان زماني ۾ بزم طالب المولى شاخ بلڙي شاه ڪريم جو ميمبر ٿيو. سندس ٻاراڻي ادب تي لکيل پهرين ڪهاڻي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيندڙ هفتيوار پروگرام ‘ٻارڙن جي ٻاري’ ۾ نشر ٿي. 1985- 1984ع ۾ شاھہ ڪريم بلڙيءَ مان سندس سرپرستيءَ ۾ ‘بسنت پبليلڪيشن’ نالي رسالو جاري ٿيو، جنهن بعد وري ساڳئي ئي شھر مان 1993ع ڌاري ‘ڪُوڪ’ جي نالي سان رسالو شايع پڻ جاري ٿيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: شاھہ لطيف جي ڪلام ۾ مرد ڪردار (2011ع)، اندر تون اجار (لطيفيات: 2017ع)، راحت القلوب (ترجمو: 2015ع) قابل ذڪر آهن. ڊاڪٽر ابراهيم سنڌيءَ جي ذاتي لائبريريءَ ۾ ڪتابن جو هڪ وڏو ذخيرو موجود آهي. پاڻ انتهائي مهمان نواز آهي. ٽنڊي محمد خان جي تاريخ تي پڻ تحقيقي ڪم ڪري رهيو آهي.