ابراهيم سورة

ابراهيم، سورة: قرآن پاڪ جي 14 نمبر سورة ابراهيم ۾ ست رڪوع ۽ 52 آيتون آهن. سورت جي شروعات ”آلرٰ“ جي لفظ سان ٿئي ٿي. مڪي ۾ نبي ڪريم صلي عليہ وسلم جي آخري وقت ۾ نازل ٿي. هن ۾ مجموعي طرح سان نبي ڪريم صلي عليہ وسلم ۽ ٻين رسولن جي مخالفت ڪندڙن جو ذڪر ۽ حضرت ابراهيم عليہ السلام جي دعا جو ذڪر پڻ ٿيل آهي. ان دعا ۾ حضرت اسماعيل جو ذڪر بہ آهي، جڏهن حضرت اسماعيل عليہ السلام کي بيت جي ويجهو ريگستان ۾ ڇڏيو ويو هو. هن ۾ حضرت ابراهيم عليہ السلام جي نسل مان نبوت جي شروعات جو ذڪر بہ ڪيو ويو آهي، ان ڪري هن سورة جو نالو سورة ابراهيم رکيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو