ابراهيم شاهه صوفي

ابراهيم شاهه، صوفي: صوفي ابراهيم شاهه قادري 27 جمادي الاول 1242هه/ 1826ع تي جھوڪ شريف ۾ پيدا ٿيو. شاهه شهيد جي درگاهه جو اٺون سجاده نشين هو. 21 محرم 1291 هه/ 1874ع تي وفات ڪيائين. سنڌي، هندي ۽ اردوءَ جو سٺو شاعر هو. شاعريءَ ۾ ”مسڪين“ ۽ ”فقير“ تخلص ڪتب آڻيندو هو. ڏٺو وڃي ته پاڻ سٺو شاعر هو، پر سندس شاعري اڄڪلهه گھٽ ملي ٿي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته: ”نواب حاجي محمد خان لغاري تاجپوريءَ جي قلمي بياض ۾ سندس 26 ڪافيون موجود آهن.“ صوفي صادق جي راڳنامي ۾ ٻه صدائون ۽ هڪ بيت موجود آهي، جڏهن ته ڪجهه هندي، سرائيڪي ۽ اردو ڪلام درگاهه جي فقيرن وٽ به موجود آهي. سندس ڪلام جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته صوفي ابراهيم شاهه هڪ سٺو ۽ اهم شاعر هو. سندس ڪلام پختو ۽ بامقصد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1826.00.00  عيسوي

ابراهيم شاهه صوفي 1826ع تي جھوڪ شريف ۾ پيدا ٿيو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عنصري
ڀٽي مخدوم عبدالرؤف هالائي
سيد غلام محمد شاهه گدا
اصغر نديم سيد
باغ علي خان خائف
اميد علي لغاري
عامر سيال
شبير هاليپوٽو
امتياز دانش
در محمد فقير
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون