ابراهيم شاھہ جتي ستي

ابراهيم شاھہ ستي جتي: سنڌ جي مشھور بزرگ لعل شھباز قلندر جو پانڌيئڙو ۽ طالب سيد جتي ستي'>ابراهيم شاھہ جتي ستي، سيوهڻ جو رهندڙ هو ۽ شھباز قلندر جو مريد هو. لعل شھباز قلندر جي وصال کان پوءِ هو سيد علي سرمست جي رهنمائي ۾ رهي سندس مريد ۽ طالب ٿيو. قلندر جو مريد صلاح الدين سندس طالب ٿيو، پاڻ سڄي عمر مجرد/ ڪنوارو رهيو، هن بزرگ جي مزار لعل شھباز جي مزار جي اتر واري دروازي سان گڏوگڏ آهي. سندس وفات کان پوءِ سندس وڏو پٽ استاد الھہ بخش عرف علڻ پٺاڻ گادي نشين ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو