ابراهيم شاھہ، صوفي: صوفي ابراهيم شاھہ قادري 27 جمادي الاول 1242ھہ/ 1826ع تي جهوڪ شريف ۾ پيدا ٿيو. شاھہ شھيد جي درگاھہ جو اٺون سجادہ نشين هو. 21 محرم 1291 ھہ/ 1874ع تي وفات ڪيائين. سنڌي، هندي ۽ اردوءَ جو سٺو شاعر هو. شاعريءَ ۾ ”مسڪين“ ۽ ”فقير“ تخلص ڪتب آڻيندو هو. ڏٺو وڃي تہ پاڻ سٺو شاعر هو، پر سندس شاعري اڄڪلھہ گهٽ ملي ٿي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو تہ: ”نواب حاجي محمد خان لغاري تاجپوريءَ جي قلمي بياض ۾ سندس 26 ڪافيون موجود آهن.“ صوفي صادق جي راڳنامي ۾ ٻہ صدائون ۽ هڪ بيت موجود آهي، جڏهن تہ ڪجهہ هندي، سرائيڪي ۽ اردو ڪلام درگاھہ جي فقيرن وٽ بہ موجود آهي. سندس ڪلام جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو تہ صوفي ابراهيم شاھہ هڪ سٺو ۽ اهم شاعر هو. سندس ڪلام پختو ۽ بامقصد آهي.
1826.00.00 عيسوي
ابراهيم شاهه صوفي 1826ع تي جھوڪ شريف ۾ پيدا ٿيو