ابراهيم شاھہ صوفي

ابراهيم شاھہ، صوفي: صوفي ابراهيم شاھہ قادري 27 جمادي الاول 1242ھہ/ 1826ع تي جهوڪ شريف ۾ پيدا ٿيو. شاھہ شھيد جي درگاھہ جو اٺون سجادہ نشين هو. 21 محرم 1291 ھہ/ 1874ع تي وفات ڪيائين. سنڌي، هندي ۽ اردوءَ جو سٺو شاعر هو. شاعريءَ ۾ ”مسڪين“ ۽ ”فقير“ تخلص ڪتب آڻيندو هو. ڏٺو وڃي تہ پاڻ سٺو شاعر هو، پر سندس شاعري اڄڪلھہ گهٽ ملي ٿي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو تہ: ”نواب حاجي محمد خان لغاري تاجپوريءَ جي قلمي بياض ۾ سندس 26 ڪافيون موجود آهن.“ صوفي صادق جي راڳنامي ۾ ٻہ صدائون ۽ هڪ بيت موجود آهي، جڏهن تہ ڪجهہ هندي، سرائيڪي ۽ اردو ڪلام درگاھہ جي فقيرن وٽ بہ موجود آهي. سندس ڪلام جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو تہ صوفي ابراهيم شاھہ هڪ سٺو ۽ اهم شاعر هو. سندس ڪلام پختو ۽ بامقصد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1826.00.00  عيسوي

ابراهيم شاهه صوفي 1826ع تي جھوڪ شريف ۾ پيدا ٿيو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مير شھداد علي خان حيدري ٽالپر
سڳن آهوجا
الطاف عباسي
احسان رضا
محمد صالح سومرو
غلام محمد خانزئي
الھہ بخش سرشار عقيلي
غلام نبي گل
ابراهيم خليل ڊاڪٽر
بيدل فقير
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون