ملاح/ ميربحر ابراهيم شاهه جي مزار تي

ملاح/ ميربحر ابراهيم شاهه جي مزار تي

ابراهيم شاھہ واڙيءَ وارو

ابراهيم شاھہ واڙيءَ وارو: سنڌ جي ڊيلٽا ۾ اوڀر طرف سير کاريءَ جي ويجهو هڪ ٻيٽاريءَ تي هرسال هڪ وڏو ميلو لڳندو آهي. ٻيٽ تي جنهن بزرگ جي مزار آهي، تنهن کي ’ابراهيم شاھہ واڙيءَ واري‘ جي نالي سان شھرت حاصل آهي. هن ميلي ۾ سنڌ، ڪڇ ۽ بلوچستان جي سامونڊي ڪنڌين ۽ کارين تي رهندڙ ملاح لازمي طور شريڪ ٿيندا آهن. هيءُ سامونڊي ملاحن جو وڏي ۾ وڏو ميلو آهي، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ ڏھہ ڏينهن جاري رهندو آهي. هن موقعي تي هوڙهن جا مالڪ پنهنجن پنهنجن پتڻن ۽ بندرگاهن تان ٻيڙا ڪاهي، ابراهيم شاھہ واڙيءَ واري جي سلامي ڀرڻ ويندا آهن. ٻيڙا رنگارنگي جهنڊن ۽ جهنڊين سان سينگاريا ويندا آهن ۽ عورتون، ٻار، جوان ۽ پوڙها دهلن دمامن سان ٻيڙين تي سوار ٿيندا آهن. ڪي باسون باسڻ لاءِ نڪرندا تہ ڪي مرادون پوريون ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ چادرون (پَڙُ) کڻي ايندا آهن. هيءُ ميلو هر سال مارچ اپريل ڌاري لڳندو آهي.
ملاحن جو عقيدو آهي تہ جيڪو ملاح هن ميلي ۾ شريڪ نہ ٿيندو ۽ ’بادشاھہ‘ ابراهيم شاھہ جي حاضري نہ ڀريندو، اُهو ايندڙ سال مڇيءَ جي شڪار کان محروم ٿي ويندو، بيماريون ڏسندو يا جوکم ۾ پوندو. ابراهيم شاھہ جي ميلي جي موقعي تي زيارتي، ابراهيم حيدري، لٽ بستي، ڪيٽي بندر، کاري ڇاڻ، جنگي سر، ڳاڙهي يا شاهبندر وٽان ڪنهن بہ هوڙهي تي چڙهي وڃن تہ ٻيڙياتا پنھنجي روايت موجب ڀاڙو نہ وٺندا آهن. سخي ابراهيم تائين اوٽ موٽ ٻہ ڏينهن لڳي ويندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو