
ابراهيم شاهه وڄڙي سخي
ابراهيم شاھہ وڄڙي، سخي: هن درويش جي مزار گنجي ٽڪر تي، حيدرآباد، ٽنڊي محمد خان روڊ تي، فتح چوڪ حيدرآباد کان 24 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ آهي. حيدرآباد کان 20 ڪلوميٽر پنڌ تي اولھہ طرف وڪيو ملاح اسڪول آهي، جتان درگاھہ جو فاصلو 4 ڪلوميٽر کن ٿيندو. هن هنڌ گنجو ٽڪر تقريباً 200 فٽ اوچو آهي. مزار کان اوڀر ۾ گنجي ٽڪر جي پاڙ ۾ ريلوي لائين سان هڪ هنڌ برساتي پاڻي جمع ٿئي ٿو، جنهن کي ’سخيءَ جو ڪُن‘ چون ٿا. مزار ٽڪريءَ تي هڪ چوديواري اندر هڪ ٿلهي تي ٺهيل آهي ۽ اها هاڻوڪي دور جي ٺهيل لڳي ٿي. چوديواريءَ کان اتر طرف هڪ ٻي قبر هڪ ننڍي چوديواريءَ ۾ آهي. اها قبر ابراهيم شاھہ جي والدہ جي ٻڌائي وڃي ٿي. هن بزرگ جي درگاھہ جي در تي لکيل آهي: ’سخي ابراهيم شاھہ وڄڙي اولاد علي مرتضيٰ سخي شهنشاھہ حضرت ابراهيم شاھہ‘، سندس والد جو نالو ابوالحسن ٻڌايو وڃي ٿو. روايت آهي تہ ابراهيم شاھہ 645 هجريءَ ۾ حيدرڪوٽ کان گنجي ٽڪر ۾ آيو. درگاھہ جو سجادہ نشين ۽ متولي مراد علي شاھہ آهي، جنهن وٽ قديم دستاويز ڳريل حالت ۾ آهن، جن مان مٿيان تفصيل معلوم ٿي سگهيا آهن. هتي موجود رسمن مان شڪ پوي ٿو تہ هيءُ فقير ڪلهوڙن جي ميان وال تحريڪ جو حصو رهيو هوندو. هتي هڪ وڏو بورچيخانو ۽ رهائش لاءِ ٻہ ڪمرا ٺهيل آهن. هتي هر سال 8 ۽ 9 ذوالحج تي ميلو لڳي ٿو. هر سھائي سومر تي مريد ڪٺا ٿين ٿا، جن لاءِ مزار جا رکوال روٽ يا کير جو بندوبست رکندا آهن. لنگر خاني مان هر سومر تي ايندڙ ويندڙ مريد يا مهمان کي دعا جو روٽ ۽ کير جي وٽي ملي ٿي. مزار جي اتر ۾ هڪ وڏي جنڊ جو هڪ پڙ رکيل آهي، جنهن جو ٻيو حصو مزار واري ٿلهي ۾ اوسارجي ويو آهي. اهو جنڊ پڻ ميانوال تحريڪ ڏانهن اشارو ڪري ٿو، ڏکڻ کان ٽڪريءَ جي هيٺيان بيهي مٿي نهاربو تہ اهڙو ئي منظر نظر ايندو، جيئن گاجي شاھہ يا وري شاھہ اويس مانجهند واري جي مزار جو آهي. مٿي تائين وڃڻ لاءِ ڏاڪڻين جو سلسلو ٺاهيو ويو آهي. اتان زائفائون مٿي وڃن ٿيون. مردن لاءِ جدا رستو آهي.