
ابراهيم فقير مست جيسلميري
ابراهيم فقير مست جيسلميري: مشھور بزرگ ۽ حر جماعت جي جيسلميري چونڪيءَ جي مُک ابراهيم فقير مست 65-1860ع جي وچ ڌاري روهليءَ، ضلعي جيسلمير (راجستان) ۾ فقير محمد صالح عرف سومري فقير مڱرئي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد ٽئين پير پاڳاري، پير حزب ﷲ شاھہ ’تخت ڌڻي‘ (وفات 1890ع) جي هٿ تي بيعت ڪري مريد ٿيو. مريد ٿيڻ بعد دنيا داري ترڪ ڪري، مرشد جي حڪم تي وڏي عمر ۾ روهليءَ مان شادي ڪئي. ڪجهہ عرصي بعد سھريجن جي ڳوٺ ۾ رهائش پذير ٿيو. ان وقت ’روهلي‘ راجپوت راٺوڙن جي جاگير هئي. انهن جو درٻاري نظام جوڌپور جي راجائن سان هو. روايت آهي تہ ’روهليءَ‘ جي مُک ٺاڪر خومسنگهہ ساڻس پھرين تہ جاگير جي حدن ۾ رهائش اختيار ڪرڻ تي اعتراض واريو پر پوءِ سندس ڪرامتون ڏسي کيس ’روهليءَ‘ جو تلاءُ ۽ زمين تحفي ۾ ڏني. روايت آهي تہ مرشد کيس شادي ڪرڻ جي حڪم سان گڏ بشارت ڏني تہ تنھنجي پٺيءَ مان قطب پيدا ٿيندو. جنھن کان پوءِ کيس چئن پٽن جو اولاد ٿيو. جن مان ابراهيم فقير ڀائرن ۾ ننڍو ۽ چوٿون نمبر هو. ننڍپڻ کان مست مزاج ۽ ڏٻرو هوندو هو، جنھن ڪري کيس ’ڪنگلو‘ ۽ ’ڪَنگ‘ سڏيندا هئا. پنجين پاڳاري، پير شاھہ مردان شاھہ ’اول‘ (ڪوٽ ڌڻي)، جيسلميري چونڪيءَ جي مُک منٺار فقير درس جي پيرسني ۽ ناچاڪيءَ سبب، کيس پڳ ٻڌرائي، چونڪيءَ جو مُک مقرر ڪيو. جنھن بعد هن طريقت ۾ مولوي عبدالقادر سولنگي کي استاد ورتو. جنھن جي نياڻي سان مرشد جي حڪم تي ٻي شادي بہ ڪئي. هن جماعتي پرچار لاءِ هند، سنڌ ۽ اتر پنجاب جا سفر ڪيا ۽ درگاھہ جو انتظام مضبوط ڪيو. پير شاھہ مردان شاھہ ’اول‘ جي وفات بعد انگريزن ذاتي مفادن لاءِ، پير پاڳاري ’ڪوٽ ڌڻي‘ جي وصيت خلاف سندس پوٽي جيئل شاھہ کي پڳ ٻڌرائڻ جو انتظام ڪيو. ابراهيم فقير مرشد جي وفات جي اطلاع تي جيسلمير کان درگاھہ، پير ڳوٺ پھتو. سندس پھچڻ وقت درگاھہ ۽ حويلي سرڪار جي گهيري ۾ هئي. تنھنڪري هن نوڪر معرفت پير صبغت ﷲ شاھہ ’ثاني‘ (سورهيه بادشاھہ) کي حويليءَ کان ٻاهر گهرائي، مسجد جي منبر تي ويھاري پنھنجي هٿن سان، پير شاھہ مردان شاھہ ’اول‘ جي وصيت موجب پڳ ٻڌرائي، ڇھين پاڳاري جو اعلان ڪيو، جنھن کي سڄي جماعت قبول ڪيو. هن 27-1926ع ڌاري درگاھہ کان ’روهلي‘ سفر ڪندي، ڳوٺ جهاڙيلي، تعلقي سَم، ضلعي جيسلمير ۾ وفات ڪئي. کيس ’روهليءَ‘ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو. سندس مزار تي روضو اڏيل آهي. هندستان جي اڳوڻي وفاقي وزير جسونت سنگهہ مزار جي چوڌاري ڪوٽ پڻ ڏياريو آهي.سندس زندگي بابت ھڪ ڪتاب ’روھليءَ جو راڻو : ابرھيم فقير مست جيسلميري ‘ 2021ع ۾سنڌ ۾ ڇپجي چڪو آھي