پروفيسرابراهيم لاشاري

پروفيسرابراهيم لاشاري

ابراهيم لاشاري پروفيسر

ابراھيم لاشاري: ليکڪ ۽ محقق محمد ابراھيم ولد حاجي ڦوٽو لاشاري 01 جنوري 1976ع تي ڳوٺ ميد شھيد، تعلقي وارھھ ضلعي قمبر شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم ھاءِ اسڪول کنڊو ۽ ھاير سيڪنڊري اسڪول وارھھ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ ايم. اي (سنڌي ادب) جي ڊگري شاھھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪئي. 2006ع ۾ تعليم کاتي ۾ ليڪچرر ۽ هن وقت اسسٽنٽ پروفيسر طور ڪم ڪري رهيو آهي. ھن لکڻ جي شروعات 1998ع کان ڪئي. سوانح عمري ۽ خاڪن جي سلسلي ۾ ڪيترين ئي شخصيتن جي زندگي ۽ ادبي پورھئي تي سندس مضمون ڇپيل آهن. پاڻ سنڌي ادبي سنگت وارھھ شاخ جو ميمبر، سگا شاخ وارھھ جو ميمبر، سنڌ پروفيسرس ائنڊ ليڪچررس ائسوسيئيشن يونٽ جو صدر پڻ آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1976.01.01  عيسوي

ليکڪ، نثر نويس، اديب، پروفيسر محمد ابراهيم ولد حاجي ڦوٽو لاشاري 01 جنوري 1976ع تي ڳوٺ ميد شھيد، تعلقي وارهه ضلعي قمبر شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بالزاڪ
غلام حيدر گبول
رانجهن ماسٽر رانجهن
صاحب سنگهه بولسنگهه
شيخ جاويد علي سنڌي
حاجن شاهه هموطن سيتائي
ستار بلوچ
روپ ڪمار گھايل
اويس ڀٽو
زبير سومرو
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون