ابل فقير مهڪاڻي

اَبلُ فقير مَهڪاڻي: ابل فقير 1942ع واري حُر تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن هو، جيڪو ڳوٺ بائونٺ مري، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ جو رهاڪو هو. هن جو پير شھيد صبغت پاڳاري جي غازي حرن ۾ شمار ٿيندو هو. کيس ’ابوالخير‘ جو لقب پير سائينءَ پاڻ ڏنو هو. ابل فقير انگريزن سان وڙهيو ۽ هٿيار هٿ ڪرڻ لاءِ پنهنجن دوستن سان گڏجي ٿاڻا بہ ڦريائين، جن ۾ ٻوٻي ٿاڻو ۽ کاڻوٺ ٿاڻو شامل آهن. ابل فقير هالن جي ڀرسان سيلاني فقير واري هنڌ تي وڙهيو هو، جنهن ۾ هن ملٽري ۽ سپاهين سان مڙس ٿي مقابلو ڪيو. ڏھہ سال انگريزن سان وڙهيو ۽ سي. آءِ. ڊي پوليس هٿان گرفتار ٿيو. کيس ويھہ سال سزا لڳي، پر ٻہ ٽي سال قيد ڪاٽڻ کان پوءِ سينٽرل جيل مان ساٿين سميت ڀڄي نڪتو. ان کان پوءِ سن آيو، جتي ٻيهر گرفتار ٿيو ۽ کيس ڦاهي گهاٽ ۾ رکيو ويو. اهو ڪيس پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ هليو، جنهن ۾ ڦاسيءَ واري سزا لھي ويس ۽ ڏھہ سال سزا ڏنائونس. ون يونٽ ٺھڻ کان پوءِ ابل فقير آزاد ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.00.00  عيسوي

اَبلُ فقير مَهڪاڻي: ابل فقير 1942ع واري حُر تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن هو ،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻاٻيهو
الطاف حسين انڙ
ڪي بي رند
احسان علي لغاري
انور اقبال بلوچ
قاضي اياز مهيسر
آغا جعفر علي خان
ڀٽو نور محمد
امام بخش شر
سنڌي ٻوليءَ جا ڪي اهم گرامر نويس ۽ محقق
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون