ابل واھہ: ” ابل واھہ “ خيرپور ميرس جي حدن ۾ واقع آهي . عام طرح سرڪاري نالي ” خيرپور ويسٽ فيڊر “ ( Khairpur West Feeder ) سان ياد ڪيو وڃي ٿو ، جنهن جي 1352ھہ ( 1934ع ) ۾ کوٽائي شروع ٿي ۽ 1936ع ۾ ٻہ هزار ڪيوسڪ ( Cusecs ) مطابق مڪمل آباديءَ جي لائق بڻيو . هي واھہ سکر بئراج جي کاٻي پاسي کان سنڌو نديءَ مان نڪري ٿو . شاخن سميت ان جي ڊيگهہ 366 ميل ( 589 ڪلوميٽر ) آهي . ان واھہ مان ساڄي ۽ کاٻي طرف کان جملي 34 شاخون نڪرن ٿيون . آمد رفت لاءِ مٿس ڏھہ وڏيون پليون آهن ، جڏهن تہ ننڍين ( ڳوٺاڻين ) پلين جو تعداد ٻاويھہ آهي . پاڻيءَ جي روڪ ٿام لاءِ پنج وڏا ريگيوليٽر ( Regulators ) بہ تعمير ٿيل آهن .
ابل واھہ ، خيرپور رياست جو وڏو واھہ ليکيو وڃي ٿو ، هڪ اندازي مطابق چار لک ڏھہ هزار ايڪڙ ايراضيءَ کي سيراب ڪري ٿو . سندس سنڀال لاءِ 1936ع کان هڪ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ( Executive Engineer ) ، 2 سب ڊويزنل آفيسر ، 14 سب انجنيئر ( Over sears ) ، 20 آبدار ۽ 29 داروغا پڻ مقرر ڪيل آهن .
ابل واھہ خيرپور ۽ گمبٽ تعلقن جي ايراضي آباد ڪندو ، ڳاڙهي موري ، پريالوءِ ، پير ڳوٺ ، احمدپور ، ڪوٽ پل ، ماڇيون ، راڻيپور ۽ گمبٽ شهرن مان لنگهي ٿو . هن واھہ تي آباديءَ جي اعتبار کان ڪڻڪ ، ڪپھہ ، چانور ، جوئر ، سرنھہ ، ڄانڀو ۽ داليون وغيرہ ٿين ٿيون . ان کانسواءِ کجين ، ليمن ۽ انبن جا باغ بہ وڏي تعداد ۾ سيراب ڪري ٿو . هي ٻارهن ئي مهينا وهندڙ واھہ آهي ، جنهن کي انجنيئري اصطلاح ۾ ” Perennial “ سڏبو آهي .