ابل ويسر وارو دڙو

ابل ويسر وارو دڙو: اسلامي دور سان تعلق رکندڙ هي ماڳ ٺريءَ جي ڳوٺ کان ٽن ميلن تي ديھہ سانيو، تعلقو ميرواھہ ضلعي خيرپورميرس ۾ آهي. ھي ھڪ وڏو دڙو آھي، جيڪو اوچائيءَ ۾ ١٥ کان ويھہ فٽ ٿيندو. ٽن چئن ايڪڙن تي ڦھليل آھي. گهڻو حصو زرعي آباديءَ ھيٺ اچي چڪو آھي. مٿاڇري تي پيل ٺڪراٺو اسلامي دور کان ٿورو اڳ ۽ ان جي شروع واري زماني سان ڀيٽي سگهجي ٿو. ھن جي کوٽائي ٿيل ڪانہ آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو