ابنِ اسحاق: ”تاريخِ اسلام“ ۾ جن شخصيتن کي بنيادي حيثيت حاصل رهي آهي، انهن ۾ ابن اسحاق يعني ابو عبدالله محمد بن اسحاق بن يسار جو نالو سرفهرست آهي. ابو عبدالله بن اسحاق مديني شريف ۾ تقريباً 84 هه (703ع) ڌاري پيدا ٿيو. ننڍپڻ کان ئي محنتي هو. الله پاڪ کيس تيز ذهانت عطا ڪئي هئي، جنهنڪري قابل استادن جي نظر فيض اثر هيٺ، عربي زبان تي وڏو عبور حاصل ڪيائين. ادب جي سلسلي ۾ وقت جي وڏن وڏن عالمن کي به پنهنجي حيثيت مڃائڻ ۾ دير نه ڪيائين. ان کان سواءِ روايتن کي صحيح انداز ۾ محفوظ ڪرڻ لاءِ پنهنجي زماني جي اڪابرن سان به ڪي قدر اختلاف رهيس، جنهن جي ڪابه پرواهه نه ڪري، ويتر قلم جي رفتار وڌائڻ لڳو. ايستائين جو مالڪ بن انس جهڙي جيد عالم سان به ڪيترين روايتن تي زباني ڏي وٺ ڪيائين. هُو سچائيءَ جو ساٿ ڇڏي نه سگھيو ۽ ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿيو. ابنِ اسحاق اڳ ۾ مصر ويو ۽ پوءِ عراق کي پنهنجو مستقل ٺڪاڻو بڻائي رهڻ لڳو. وقت جي خليفي المنصور کيس بغداد اچڻ جي دعوت ڏني، جتي 67 ورهين جي ڄمار ۾ 151هه (768ع) ۾ وفات ڪيائين ۽ کيس امام ابو حنيفهرحه جي ڀرسان جاءِ ملي. سندس شاگردن جو حلقو وسيع هو. زياد بن عبدالله البڪائي ڪوفيءَ جو نالو هن ڏس ۾ سرفهرست آهي.
ابنِ اسحاق وڏو مؤرخ به هو. هن ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن جي حياتي مبارڪ تي ”سيرت النبيصه“ نالي ٻن جلدن ۾ نهايت وضاحت سان روشني وڌي آهي. سندس هي ڪتاب، پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن جي حالاتِ زندگيءَ تي، قديم ڪتاب آهي. هجري چوٿين صديءَ ۾ الوزير المغربيءَ هن ڪتاب کي اصلي صورت ۾ نقل ڪرائي، محفوظ ڪيو.