ابنِ مقله بيضاوي

ابنِ مقله بيضاوي: ابن مقله بيضاوي اسلامي دنيا جي عباسي دور (136ھہ/753ع-334ھہ/945ع) جو وڏو عالم، اڪابر، خطاط ۽ سياستدان ٿي گذريو آهي. هن جو اصل نالو ابو علي محمد بن حسين بن مقله بيضاوي هو. هو ابن مقله جي نالي سان مشھور ٿيو. هن تاريخ 21 شوال 272ھہ مطابق 31 مارچ 886ع ۾ بغداد شھر ۾ جنم ورتو. هن جا وڏا اصل حافظ شيرازيءَ جي شھر ”شيراز“ جا رهندڙ هئا. خطاطيءَ ۾ هن جو وڏو ڪارنامو اهو آهي تہ هن ”نسخ خط“ (Naskh Script) کي عاليشان ۽ لازوال خوبيون عطا ڪيون. ”نسخ“ جي معنيٰ ئي اها آهي تہ لکت جو هڪ اهڙو نمونو، جيڪو ٻين لکتن جي نمونن (Script Styles) کي منسوخ ڪري ڇڏي. هن عربي ٻوليءَ جي آئيوٽا (Alphabet) کي نئين سر تشڪيل ۽ ترتيب ڏني ۽ قرآن کي اعرابن ڏيڻ واري ابوالاسور ۽ نصر بن عاصم واري ڪم کي مڪمل ڪيو. هن کان پهرين اسلامي دنيا ۾ خطاطيءَ جا چار قسم مدني، مڪي، بصري ۽ ڪوفي رسم الخط مروج هئا، انهن مان مدني مڪي ۽ بصري هڪٻئي جي ويجهو هئا، جڏهن تہ ڪوفي خط گهڻو مختلف هو. ابن مقله خطاطيءَ جا ڇھہ اسلوب ثلث (Thulth)، نسخ (Naskh)، ريحان (Raihan)، محقق (Mohaqqaq)، توقيع (Touqi) ۽ رقاع (Riqa) جوڙي راس ڪيا. خطاطيءَ جا اهي ڇھہ نمونا مڪي/ مدني/ بصري (Arabic) ۽ ڪوفي (Kufiic) تان اسريا آهن. ان ريت چئي سگهجي ٿو تہ هن هر هڪ لکت جي پراڻي نموني مان ئي 3 نوان اسلوب تيار ڪيا. هن خطاطيءَ جي فن جا اصول قائم ڪيا ۽ اکرن جي صورتن جو بنياد ماپن ۽ نقطن تي رکيو. هن جي جوڙيل ’خط نسخ‘ ٻين قديم لکت جي اسلوبن کي رد ڪري ڇڏيو. اڄ ڏينهن تائين قرآن مجيد توڙي عربي ۽ سنڌي لکت جو نمونو ”نسخ“ ئي آهي. سندس توقيع خط، خاص لفظن لکڻ لاءِ ڪتب اچي ٿو. جيڪڏهن ان خط لکڻ واري قلم جي نوڪ/ نب جيڪڏهن سنهي هوندي تہ خط جي طرز کي ”غبار“ (ڌنڌ) سڏبو آهي. ٽن جو انگ هن جي سڄي زندگيءَ تي حاوي رهيو، هو اسلامي دنيا جي ٽن خليفن مقتدر بالله، القاهر باالله ۽ الراضي باالله جي حڪومتي دور ۾ ٽي ڀيرا وزير اعظم مقرر ٿيو ۽ ٽي ڀيرا اقتدار تان لاٿو ويو. هو ٽي ڀيرا پنھنجي اباڻي وطن ”شيراز“ ويو، هن جا ٽي وڏا دشمن هئا: هڪ ابوالحسن، ٻيو ترڪ سردار امير مظفر بن ياقوت ۽ بغداد شھر جو ناظم ابن رائق هو. هي خليفي الراضي باالله جي ظلم ۽ زيادتين جو ٽي ڀيرا شڪار ٿيو، پهريون ڀيرو کيس اقتدار تان لاٿو ويو، ٻيو ڀيرو هن جو هڪ هٿ ڪپيو ويو، ٽيون ڀيرو کيس قتل ڪيو ويو. هن کي ٽي ڀيرا دفن ڪيو ويو، پهريون ڀيرو قتل کان پوءِ قيد خاني ۾، ٻيو ڀيرو الراضي باالله جي حڪم تي قبرستان ۾ ۽ ٽيون ڀيرو سندس زال جي درخواست تي سندس مڙھہ قبرستان مان ڪڍي هڪ عمارت ۾ دفن ڪيو ويو. هو زندگيءَ ۾ هڪ هٿ کان محروم ٿيڻ کانپوءِ خطاطي واري وڍيل هٿ واري ڪرائيءَ تي قلم ٻڌي ساڄي ۽ کاٻي هٿ سان ساڳئي ريت ۽ ساڳئي رفتار سان خطاطي جا شهپارا تخليق ڪندو رهيو. هن جي نياڻيءَ سندس فن کي زندہ رکيو ۽ ڪيترا ناميارا شاگرد پيدا ڪيا، جن مان علي بن هلال عرف ابن البوابه، ابن مقله جي خطاطيءَ واري اسلوبن کي استقلال ۽ استحڪام بخشيو، هن ”ابن مقله“ جي خطاطيءَ وارن طرزن موجب قرآن جا 54 اتارا تيار ڪيا. ابن مقله جي موت تي بغداد جا اهل علم ۽ اهل خرد سڀئي رنا. هڪ شاعر چيو تہ ”اڄ ابن مقله نہ پر ڏاهپ ۽ علم جو قتل ٿيو، هو هڪ شاعر، نثر نگار ۽ عظيم خوشنويس هو“. هن کي 64 ورهين جي ڄمار ۾ تاريخ 10 شوال 328 ھہ بمطابق 20 جولاءِ 940ع تي شھيد ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو