ابن الاثير

ابن الاثير: ابن الاثير جو سڄو نالو عزالدين بن ابوالڪرم اثيرالدين موصلي هو، جيڪو الجزائر جي شھر الجزيره ۾ ڄائو. موصل ۽ بغداد ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنھنجي سڄي ڄمار موصل ۾ تصنيف ۽ تاليف ۾ گذاريائين. سندس سڀ کان مشھور ڪتاب ’الڪامل في التاريخ‘ آهي، جنهن ۾ ابتدا کان وٺي 628ھہ/ 1231ع تائين جا تاريخي واقعا هرسال جي حساب سان آندل آهن.
هن جي ٻي مشھور تاليف ’اُسد الغابة في معرفة الصحابة‘ آهي، جيڪا ساڍن ستن هزارن اصحابين جي زندگيءَ جي حالات تي مشتمل آهي. ان کان سواءِ هن ’موصل‘ جي شاهي خاندان جي تاريخ بہ لکي ۽ ’اللباب‘ جي نالي سان سمعانيءَ جي ڪتاب ’الانساب‘ جو خلاصو لکيائين. هن جي ولادت 555ھہ/ 12 مئي 1165ع ۾ ٿي ۽ 630ھہ/ 1233ع ۾ وفات ڪيائين.

لفظ ابن الاثيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0555.00.00  هجري

هن جي ولادت 555هه/ 12 مئي 1165ع ۾ ٿي ۽ 630هه/ 1233ع ۾ وفات ڪيائين .

1165.05.12  عيسوي

هن جي ولادت 555هه/ 12 مئي 1165ع ۾ ٿي ۽ 630هه/ 1233ع ۾ وفات ڪيائين .

0630.00.00  هجري

هن جي ولادت 555هه/ 12 مئي 1165ع ۾ ٿي ۽ 630هه/ 1233ع ۾ وفات ڪيائين .

1233.00.00  عيسوي

هن جي ولادت 555هه/ 12 مئي 1165ع ۾ ٿي ۽ 630هه/ 1233ع ۾ وفات ڪيائين .

شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خانو رام ڀڳت
اعتزاز احسن
قرت العين حيدر
ڀانان مڱڻهار
سيد امداد شاھہ ڊڍرائي
آڏواڻي جڳت
خدا بخش خان ٽالپر ضياء
حاجي مولابخش سومرو
ابڙو خدا بخش
خانبهادر غلام علي نانا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون