ابن الجوزي

ابن الجوزي: ابن الجوزي جو پورو نالو عبدالرحمان الجوزي هو. غالباً 510ھہ (1116ع) ڌاري سندس ولادت ٿي. پاڻ مشھور حنبلي طريقي جو محدث ۽ تاريخدان ٿي گذريو آهي. حياتيءَ جو وڏو حصو تصنيف ۽ تاليف سان گڏ وعظ ۽ نصيحت ۾ مشغول رهيو. ”المنتظم“ نالي سان ڪيترن ئي جلدن تي ڦهليل عربي زبان ۾ ”تاريخ“ بہ قلمبند ڪيائين، جيڪا 574ھہ (1178ع) ڌاري راس ڪيائين. هن ڪتاب ۾ سياسي تاريخ سان گڏ، ان دور جي نامور عالمن، اديبن، شاعرن ۽ اڪابرن جا تفصيلي احوال پڻ محفوظ ڪيا اٿس. ان کانسواءِ امير المومنين حضرت عمر بن خطاب رضي الله عنه (583-646ع) ۽ حضرت بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز رحمت الله عليه (681-720ع) جي مناقبن کي پڻ تصديق سان جمع ڪيائين. ”المنتظم“ جا ڪجهہ حصا حيدرآباد دکن (هندستان) ۾ ڇپيا بہ آهن.


لفظ ابن الجوزيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو